ايف اي ٽي ايف نڪتا پورا ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا: آمريڪا

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاڪستان طرفان ايف اي ٽي ايف نڪتا پورا ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو آهي.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جي فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي نڪتن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش کي ساراهيون ٿا.

هن چيو ته پاڪستان 27 مان 26 نڪتن تي عمل ڪيو آهي، اسان پاڪستان جي حوصلا افزائي ڪيون ٿا ته عالمي دنيا سان گڏجي جلد رهيل نڪتا به مڪمل ڪندو.

نيڊ پرائس وڌيڪ چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي فنانسنگ کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي ۽ ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان تي تيزي سان عمل ڪري، ايران، پاڪستان سميت افغانستان جي سڀني پاڙيسري ملڪن کي امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.