قاضي احمد: گٽرن جو گندو پاڻي بازارن ۾ بيهجي ويو. خريدار ۽ دڪاندار پريشان

قاضي احمد شھر جي مين بازارن ۾ گٽرن جو گندو پاڻي   بيهجي ويو،   قاضي احمد جي آس پاس جي علائقن جا ماڻهو عيد جي خريداري  ڪرڻ لاءِ ٻين شھرن جو رخ ڪرڻ لڳا ، قاضي احمد شھر جا دڪاندار سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا ، ان موقعي تي دڪاندارن جو چوڻ هو ته  عيد ويجهو ايندي ئي ٽائون انتظاميا  جي نااھلي ڪري   شهري گٽرن جي گندي پاڻي ۾ ٻڏي رهيا آهن ،   هنن ٻڌايو ته سندن  ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي،  گٽرن جو گندو پاڻي تلائن  جي صورت ۾ بيھڻ جي ڪري خريدار ٻين شهرن جو رخ ڪري رھيا آھن ، هنن ڊي سي شھيد بينظير آباد اي سي قاضي احمد کان مطالبو ڪيو ته قاضي احمد شھر  مان گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪري  انهن  جي ڪاروبار کي  تباھ ٿيڻ  کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.