ڪورونا جا هاڃا جاري، وڌيڪ 37 فوت، هاڪاري ڪيسن جي شرح 5.25 رڪارڊ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 37 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جڏهن ته 2145 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 40 هزار 805 ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 2145 جو نتيجو هاڪاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هاڪاري ڪيسن جي شرح 5.25 سيڪڙو رهي.

هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 37 فوتگين کانپوءِ هيل تائين فوت ٿيندڙن جو گڏيل انگ 22 هزار 848 ٿي ويو آهي، جڏهن ته مجموعي ڪيس 9 لک 93 هزار 872 تي پهچي چڪا آهن.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1029 مريض صحتياب پڻ ٿيا، جنهن کانپوءِ وائرس کي شڪست ڏيندڙن جو مجموعي انگ 9 لک 21 هزار 95 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 49 هزار 929 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.