افغان سفير جي ڌيءَ جو معاملو اغوا نه پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي سازش آهي: شيخ رشيد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ جو معاملو اغوا ناهي پر پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي سازش آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته افغان سفير جي ڌيءَ جي ڪيس ۾ چئني ٽيڪسي ڊرائيورن جي مالڪن تائين پهتا آهيون، انهن جو ڪو ڪرمنل رڪارڊ ناهي ۽ نه ٽيڪسي ۾ ڪو ٻيو شخص هو، اهو اغوا جو ڪيس نٿو ٺهي، معاملو اغوا جو نه پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي سازش آهي، اسان افغان سفير جي ڌيءَ جي اغوا جو پرچو ڏنو آهي، افغان سفير جي ڌيءَ جو هتي هجڻ ضروري آهي ۽ چاهيون ٿا ته افغان سفير پاڻ به جاچ جو حصو بڻجي.

هن چيو ته داسو واقعي کانپوءِ چيني حڪومت اسان مان مطمئن آهي پر ڀارت ان ئي نئين شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ غلط فهمي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عالمي طاقتون نه ٿيون چاهين ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا مضبوط هجن، پاڪستان خلاف اڻ اعلانيل هائبرڊ وار تيز ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته عمران خان مسلم امت جو اڀرندڙ ليڊر آهي، جيڪو ڀارت ۽ اسرائيل کي نٿو وڻي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.