فريد آباد مان کنڀيل ظفر چانڊيو آزاد نه ٿيو، احتجاج

فريدآباد  ( ن ع آ   ) فريدآباد  واسي ظفر چانڊيو  جي جبري گمشدگي خلاف سندس جي وارثن ذاڪر حسين چانڊيو  ـ زاھد حسين چانڊيو ـ علي چانڊيو   شاھد حسين چانڊيو  ۽ ماجد حسين چانڊيو  جي اڳواڻي ۾  208 ھين ڏينهن به علامتي بک ھڙتال جاري رکي ـ ھنن چيو ته ظفر چانڊيو  15 مھينن کان جبري طور گم آهي سندس جي امڙ روئي روئي حال ھيڻا ڪري ڇڏيا آهن ـ گھر جا ڀاتي قرآن شريف جو ورد ڪرڻ لڳا ۽  گھر جاڀاتي  سخت پريشان آهن ـ ھنن چيو ته عيد اچي وئي پر ظفر چانڊيو موٽي نه  آيوـ. ھنن اقوام متحده انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ظفر چانڊيو  کي ظاھر ڪري کين آزاد ڪرايو وڃي ۽ اسان گھر جي ڀاتين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.