قمبر شهداد ڪوٽ ۾ عورت تي تشدد، ڪيس داخل، راڻيپور ۾ احتجاج

راڻيپور  ( ن ع آ )  درازا شريف جي رھواسي بشير احمد، نذير احمد ڀٽي ۽ ٻين پنهنجي بااثر عزيزن جي ظلمن خلاف انٽرنيشنل پريس ڪلب راڻيپور تي احتجاجي مظاھرو ڪندي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جي پنهنجي عزيزن سان مٽي مائٽي ٿيل آھي، جيڪي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ڳوٺ دلو ڀٽي جا رھواسي آھن. شفن ڀٽي کي اسان جي ڀيڻ ڏنل آھي جنهن کي بنا ڪنهن ڏوھ جي ڏيرن روشن، علي گل ۽ واجد ڀٽي سخت تشدد ڪيو ھيو. اھڙو اطلاع ملڻ تي اسان پوليس ساڻ ڪري اتي پهتاسين جتان ڀيڻ ثمينه ڀٽي کي بيهوشي واري حالت ۾ کنڻائي  اسپتال ۾ داخل ڪرايو جنهن کانپوءِ اسان قمبر جي ٿاڻي تي مٿي ڏسيل ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرايو ھيو. ھن وقت جوابدار ڌر اسان کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رھيا آهن،. 16 جولاءِ  تي اسان قمبر جي اسپتال مان واپس ڳوٺ درازا شريف اچي رھيا ھئاسين ته 9 ماڻهن جن ۾ عباس، گلشن، شفن ۽ ٻيا نامعلوم ھئا جن اسان مٿان پسٽلن جا فائر ڪري قتل ڪرڻ پئي چاھيو. اھڙو اطلاع اسان قمبر سٽي ٿاڻي تي ڏنو پر پوليس اسان جي ھڪ نه ٻڌي، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي خيرپور ۽ قمبر شهداد ڪوٽ نوٽيس وٺن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.