پيرڳوٺ لڳ ڏيرن جو پيرسن ڀاڄائي تي تشدد، احتجاج

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرڳوٺ لڳ ڏيرن جو پيرسن ڀاڄائي تي مبينا تشدد. ڏيرن زمين تي قبضو ڪرڻ سان گڏ انبن ۽ کجين جا وڻ به وڍي ڇڏيا آهن پيرسن عورت. رپورٽ موجب پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ سيدپور ۾ ڏيرن پيرسن ڀاڄائي رينا شنباڻي تي مبينا تشدد ڪيو آهي. ان ڏس ۾ تشدد جو نشانو بڻيل پيرسن عورت زرينا شنباڻي پريس ڪلب پيرڳوٺ پهچي دانهون ڪندي چيو ته سندس ڏيرن حسين بخش شنباڻي، غلام محمد، احمد احمد شنباڻي اسان جي ٻه جريب زرعي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي. قبضي دوران 4 انبن جا وڻ، 7 کجين جا وڻ وڍي ڇڏيا آهن. احتجاج ڪرڻ تي هنن منهنجي گهر تي حملو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو.. گارگند ڪري تذليل ڪئي.

هن چيو ته اهڙي دانهن حد جي پوليس وٽ کڻي ويس پر پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاء منهنجي پٽ سڪندر شنباڻي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هن وقت به حملن جو سخت خطرو آهي. هن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي ته ڏيرن جي ظلمن. جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.