پگھار نه ٿيڻ تي آئي ايڇ ايس جا ملازم عيد جي خوشين کان محروم

بدين  ( ڊ ر )   آئي ايڇ ايس جا ملازم عيد جي خوشين کان محروم بنجي ويا بدين ضلعي جي 11 صحت مرڪزن جي سوين ملازمن کي عيد جي پگھار جاري نه ٿي سنڌ حڪومت ۽ آئي ايڇ ايس جي اختيارين ۾  بجيٽ واري معاملي تي ھلندڙ ڇڪتاڻ سبب ملازم پيڙھجي ويا . بدين ضلعي جي يارھن صحت مرڪزن خاناڻي جت . کوسڪي . نندو شھر . فصل محمد ٽالپور . پنگريو سميت يارھن صحت مرڪزن جي ملازمن کي اڄ آخري ڏينھن به مايوسي پگھارن کان محروم رھجي ويا ملازم اڄ سڄو ڏينھن پگھار جو انتظار ڪندي ڪندي بينڪ جي ميسج جو انتظار ڪندي ڪندي مايوس ٿي ھٿن خالي پنھنجن معصوم ٻارڙن وٽ اچي ويا معصوم ٻارڙا پنھنجي پيءُ جي ھٿن خالي ڏسڻ بعد ڪپڙن ۽ نئين جتين لاء روئندا رھيا پر سنڌحڪومت جي انڌين پاليسن سبب آئي ايڇ ايس جا ملازم عيد جي خوشين کان محروم بڻجي ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.