پير ڳوٺ ويجهو پوليس چڙهائي، پيءُ پٽ گرفتاري بعد گم، احتجاج

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرجوڳوٺ پوليس جي ڪوٽ دينل شاهه محلي ۾ گهر تي چڙهائي پيء پٽ گرفتار گم وارثن پاران احتجاج پوليس مٿان ڦرلٽ جو الزام . خبر موجب  پيرجوڳوٺ جي ڪوٽ دينل شاهه محلي جي رهواسي محمد پنجل بوزدار پنهنجن پوٽن سان گڏ پريس ڪلب پيرجوڳوٺ اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته پيرجوڳوٺ پوليس ايس ايڇ او امير علي چانگ .اهلڪار فدا حسين کنڊ َصلاح مڱڻيجو ۽ ٻين اهلڪارن گهر جو دروازو ٽوڙي گهر ۾ داخل ٿي منهنجي پٽ الهڌايو عرف ماڪوڙو بوزدار پوٽي يارهين ڪلاس جي شاگرد ضمير حسين بوزدار کي کنڀي گهر مان پنجاهه هزار روڪ موٽرسائيڪل ڦرڪرڻ سان گڏ ٻيوسامان کڻي ويا ۽ پوليس منهنجي پٽ ۽ پوٽي کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايس ايڇ او پٽ ۽ پوٽي جي آزادي لاء لکين رپيا رشوت گهري آهي نه ڏيڻ تي کين ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ يا منشيات جي ڪيس ۾ جيل موڪلڻ جي ڌمڪي ڏني آهي .هن چيو ته اسان مسڪين آهيون پوليس اسان سان مخالفن جي چرچ تي ڌرتي ٽامڻي ڪري ڇڏي آهي هن هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس . آء جي سنڌ َ کي اپيل ڪئي آهي ته خدا واسڀي اسان جي داد رسي ڪري پوليس هٿان گرگتار بعد گم ڪيل پٽ ۽ پوٽي کي آزاد ڪري گهرجو ڦرڪيل سامان واپس ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.