لاکڙا پاور هائوس ملازمن کي پگهار نه مليو، حيدرآباد ۾ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) هائيڊرو ورڪرز سي بي اي يونين لاکڙا پاور هائوس جي اڳواڻن ۽ ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اقبال خان، نويد عباسي، اعظم خان، مظهر ملاح ۽ ٻين چيو ته گذريل 4 مهينن کان پگهارون بند ڪيون ويون آهن، جنهن سبب گهرن ۾ فاقاڪشي ڇانئجي وئي آهي، جڏهن ته ٻين سڀني وفاقي ادارن کي وڌايل ڊي آر اي الائونس ملي چڪو آهي، پر کين اڃا تائين الائونس نٿو ڏنو وڃي. هنن چيو ته ڪيتري ئي عرصي کان لاکڙا پاور هائوس بند پيو آهي، جنهن کي جلد کوليو وڃي ته جيئن اسين پنهنجو روزگار ڪري سگهون.. هنن چيو ته عيد مٿان آهي، ننڍڙا ٻچا آهن جن لاءِ عيد جا ڪپڙا به نه وٺي سگهيا آهيون. هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملازمن کي رهيل 4 مهينن جي پگهار جاري ڪري لاکڙا پاور هائوس کي جلد کولرائي ملازمن سان انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.