اوٻاوڙو لڳ ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن، ٺڪاڻن کي باهه، ڏوهاري فرار

اوٻاوڙو ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو لڳ 3 ڏينھن اڳ سکر ملتان ايم فائيو موٽروي تي ھٿيار بندن جي فائرنگ ۾ ھاشم سيال گولي لڳڻ سبب قتل ٿي ويو ھو ۽ ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو ھو ان واقعي کان پوءِ  گھوٽڪي پوليس جي اٽالن جو ڪچي ۾ سرچ آپريشن ڏوھارين جي رھائش گاھن کي باھيون ڌاڙيل  فرار، مقابلو جاري، خبر موجب  رانوتي جي ڪچي واري علائقي ۾ گھوٽڪي پوليس جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جو سرچ آپريشن ڏوھاري فرار ڌاڙيلن جي خالي  ٽڪاڻن کي باهيون 3 ڏينھن اڳ سکر ملتان موٽر وي ايم فائيو تي مسافر گاڏين مان ڦرلٽ جي ڪوشش دوران مبينا مقابلي وارو معاملو جنهن ۾ هڪ ڳوٺاڻو هاشم سيال ڏوھارين جي مبينا طور گولي لڳڻ سبب مارجي ويو هو، هڪ ڀٽا برادري جو ماڻهو  زخمي ٿي پيو هو جيڪو رحيم يار خان داخل آهي اڄ صدام ڀٽو جي فرياد تي 7  ڏوھاري جوابدارن تي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آھي ايف آءِ  آر ۾ ست ئي سڃاتل جوابدار آهن جن ۾  گهوٽڪي ضلعي دھشت جي علامت بڻيل ڌاڙيل راحب شر، لالڻ شر، راجو شر، نادر شر ،پيارو شر،  عيسو موشر ، مورو عرف مکڻو شر کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آھي، ھوڏانھن  3 ڏينھن اڳ موٽر وي تي ڏوھارين ھٿان قتل ٿيل ڳوٺاڻي ھاشم سيال ۽ زخمي ٿيل انهن ٻنهي جو تعلق رانوتي جي ڳوٺ دٻلي سان هو ان واقعي کان پوءِ گھوٽڪي پوليس جي اٽالن جو ڪچي ۾ پھچي ڌاڙيل راحب شر ۽ ٻين ڏوھارين جي خالي ٽڪاڻن تي چڙهايون ڪري ٽڪاڻن کي باهيون ڏنيون ڌاڙيل فرار ٿي ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.