ڊرگهه بالا لڳ ٽيوب ويل تان ٽرانسفارمر چوري

ڊرگھه بالا (ن ع آ) عيد ويجھو ايندئي چورن ڊرگھه بالا جي آس پاس جو تر تپائي ڇڏيو  گذريل رات ڊرگھ بالا شھر لڳ زميندار شمن ڏاھري جي ٽيوب ويل تان چور ٽرانسفارمر جون ٽي ڪوئلون ڪڍي ويا مالڪ کوجي ڪتن ذريعي پيرو کڻايو جيڪو ڊرگھه بالا شھر ۾ اشرف ٻٻر جي گھر ۾ ھنيو جتان ڊرگھ بالا پوليس اشرف ٻٻر جي پٽ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو

خيرپور ريڊيو جي نشريات9 ڏينهن بعد بحال

خيرپور ( س ر)  ميڊيا ۾ خبرون ڇپجڻ ،شهرين پاران احتجاجي تحريڪ جي اعلاج کانپوءِ رِيڊيو پاڪستان خيرپور جي بند پيل نشريات نيٺ 9 ڏينهن گذرڻ بعد بحال ٿي وئي، جنهن بعد ريڊيو ٻڌندڙ ۾ سرهائي اچي وئي آهي ياد رهي ته ريڊيو پاڪستان يرپور جي نشريات 9 ڏينهن اڳ فني خرابي سبب بند پيل هئي ۽ ميڊيا ۾ مسلسل خبرون اچڻ کانپوءِ سومر ڏينهن بحال ٿي وئي آهي، هوڏانهن خيرپور جي سماجي اڳواڻن شاهنواز عباسي، ياسر علي، محمد بخش جويو ۽ ٻين مطالبو ڪيو آهي ريڊيو خيرپور جي 9 ڏينهن مسلسل نشريات مڪمل بند هجڻ جي انڪوائري ڪرائي ملوث عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.