نوجوان جا قاتل گرفتار ڪيو، سيوهڻ ۾رند برادري جو هاءِ وي تي ڌرڻو

سيوھڻ(ن ع آ ) سيوھڻ ويجھو يوسي جھانگارا ۾ 18 ڏينھن اڳ رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي واري تان ٿيل جھيڙي ۾مارجي ويل نوجوان غلام شبير راھيجو رند جي وارثن قاتلن جی گرفتاری لاء سيوھڻ پھچي لعل باغ پل وٽ ڌرڻو ھڻي انڊس ھاء وي بلاڪ ڪري ٽائرن کي باھيون ڏنيون ڌرڻي سبب روڊ تي مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ نٽھڻ اس ۽ گرمي سبب مسافرن کي پريشاني جو منھن ڏسڻو پيو. ان موقعي تي مظاهرين گلاب رند. مراد امير بخش عرف مير ڀاء. ڍول سڄڻ علي بخش ۽ گلاب رند ميڊيا آڏو دانهيندي ۽ الزام مڙهيندي چيو ته ايس ايڇ او جھانگارا شاهه محمد لغاري قاتلن جي گرفتاري لاء 2 لک کان وڌيڪ رقم گھري رھيو آھي ۽ مقتول نوجوان جا قاتل جوابدار اسلم رند غوث ۽ احسان رند کي گرفتار ڪرڻ بجاء سندن وارثن کي پئسن ڏيتي ليتي ڪرڻ بعد سھولتون ڏئي رھيو آھي ۽ اسان جون ايس ايس ڄامشورو يقين ڏياريو آهي ته جوابدارن کي 7 ڏينھن اندر گرفتار ڪيو ويندو پر اسان جي مقتول  نوجوان جي قاتلن کي ستن ڏينھن تائين گرفتار نه ڪيو ويو ته  احتجاج ۽ انڊس ھاء وي بلاڪ رکنداسين. ٻئي طرف ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ سيوھڻ پھچي مظاھرين کي انصاف جو يقين ڏياريو ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ستن ڏينھن جي مھلت گھري جنهن بعد اڍائي ڪلاڪن بعد مظاهرين روڊ بند کولي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.