جوهي ۾ڪاڇي جي ٻٻر برادري جو ڪٺ

جوهي (ن ع آ) جوهي ڪاڇي دادو جي ٻٻر برادري جو ڪٺ, سردار سڏائيندڙ شخص کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو ويو, شهر جي ڦُلجي روڊ وٽ ٻٻر برادري جو ڪٺ ٿيو جنهن ۾ ٻٻر برادري جي چيف سردار نظير احمد ٻٻر, ايڊووڪيٽ غلام شبير ٻٻر, ذوالفقار ٻٻر, غلام نبي ٻٻر, رئيس انيس ٻٻر, صدام ٻٻر , غلام قادر ٻٻر ,حاجي محمد خان ٻٻر , بچل خان ٻٻر ,رئيس منظور خان ٻٻر ,گل حسن ٻٻر ,سميت برادري جي نيڪ مردن شرڪت ڪئي, ان موقعي تي هنن چيو ته ٻٻربرادري جو چيف سردار نظير احمد ٻٻر آهي مگر گذريل ڪيتري وقت کان ياسر ٻٻر نالي شخص پاڻ کي سردار سڏائي رهيو آهي ۽ ايم اين اي رفيق احمد جمالي خلاف نازيبا ٻولي ڳالهائي رهيو آهي جنهن سان اسانجو ڪوبه تعلق ناهي ان ڪري اسان سڀ کانئس لاتعلقي ڪريون ٿا ۽ کيس خبردار ڪريو ن ٿا ته انتشار ڦهلائيندڙ ٻولي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري, هنن چيو ته هر برادري جو هڪ ئي سردار هوندو آهي ۽ اسانجو سردار نظير احمد ٻٻر آهي هنن چيو ته فيس بڪي سردار ۽ واٽ سپ وڏيرو آھي ساڻس چند ڪرائي جا ماڻھون گڏ اٿس جيڪي غير سياسي ٻولي ڳالهائي مختلف برادرين ۾ خوني جهيڙا ڪرائڻ ۽ ٻٻر برادري ۾ نفرت  جو ٻج ڇٽي رهيا آھن , جيڪڏهن ڪوئي پاڻ کي سردار سڏرائي ٿو ته سندس ذاتي شوق آهي جنهن سان ٻٻر برادري جو ڪو تعلق ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.