شھدادڪوٽ پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، 6 جواري گرفتار

شھدادڪوٽ (  ڊ ر ) شھدادڪوٽ پوليس جوا جي اڏي تي ڇاپو ھڻي 6 جوارين کي گرفتار ڪري ورتو، اي سيڪشن موجب ته اطلاع مليو ته لانگاھ مارڪيٽ ڀرسان ھڪ پلاٽ ۾ جوا ھلي رھي آهي،جتي ڇاپو ھڻي 6 جوارين آصف مگسي،شاھنواز مگسي،  امان الله پانڌو، اسلم چانڊيو،  غلام حسين مغيري ۽ زاھد مگسي کي گرفتار ڪري ورتو،  آهي، جن وٽان تاس ۽ 5 ھزار روڪ رقم پڻ ھٿ آئي آهي، جوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

احمد پور لڳ چور ڳوٺاڻي جو گهر ٻهاري ويا، اين سي داخل

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ ڳوٺ ڀليڏنو ميتلو ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم چور ڳوٺاڻي رجب ميتلو جي گهر کي کاٽ ھڻي سندس گهر مان سونا زيور روڪ رقم ۽ ٻيو گهر عيد خريداري جو ورتل سمورو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا چوري متاثر ڳوٺاڻي پاران نامعلوم چورن خلاف احمدپور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي ان موقعي تي ھن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته سندس چوري واپس ڪرائي ڏني وڃي،

احمد پور اسڪول مان چوري ٿيل پاڻي جو موٽر انتظاميا حوالي

احمدپور (ن ع آ) ، احمدپور پوليس ھاء اسڪول مان ھفتو اڳ چوري ٿيل پاڻي جو موٽر چوڪيدارن ھٿان واپس ڪرائي اسڪول انتظاميا حوالي ڪري ڇڏيو خبر موجب احمد پور جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان ھڪ ھفتو اڳ چوري ٿيل پاڻي وارو موٽر احمدپور پوليس اسڪول جي چوڪيدارن کان واپس ڪرائي اسڪول انتظاميا حوالي ڪري ڇڏيو آهي احمدپور پوليس جو چوڻ هو ته چوري جو اطلاع ملڻ تي اسڪول جي ٻن چوڪيدارن کي گرفتار ڪيو ھو جن کي معزز شھرين جي ضمانت تي آزاد ڪيو ھو جنھن کانپوءِ چوڪيدارن پاران ٻن جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي ھئي ۽ انھن ئي جوابدارن کان چوري ٿيل موٽر واپس ڪرائي ڏنو آهي جنھن جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون،

  غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمن ذريعي ماڻهن کي ٺڳيو پيو وڃي: انجمن تاجران خيرپور

خيرپور(  س ر) خيرپور شهر اندر غيرقانوني پلاٽن جي وڪري ۽ زمينن تي ڪالونيون ٺاهي غريب ماڻهن کان ڦر لٽ جو سلسلو جاري آهي، انجمن تاجران خيرپور پاران غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن کان پلاٽن جي غيرقانوني وڪري ۽ غيرقانوني هائوسنگ سوسائٽين  خلاف بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ، اهڙو اظهار انجمن تاجران خيرپور جي صدر عاشق حسين عباسي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته بااثر قبضا مافيا ،بلڊر مافيا خيرپور اندر 3سئو کان وڌيڪ غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽون ٺاهي زرعي زمين تي بيٺل کجين جا باغ ڪٽرائي اسڪوائر فٽ جي ماپ ۾ پلاٽ تيار ڪري سري عام وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ هزارين ماڻهن پاران پلاٽن جي قيمت ادا ڪرڻ جي باوجود کين مالڪيءِ جون سندون ( کاتو ) ڪمرشل کاتا نه ٿا ڏنا وڃن. جڏهن ته انهن غير قانوني سوسائٽين جو ڪو نقشو پاس ٿيل آهي نه ئي انهن ۾  اسڪول، مسجد ، اسپتال ،تفريحي پارڪ   آهن  ان کان علاوه ڊرينيج ۽ روڊن رستن جو ڪوبه بندوبست نه ڪرايو ويو آهي ، اٻوجهه ماڻحن کي خوبصورت خواب ڏيکاري ڦرلٽ جي بازار گرم ڪئي پئي وڃي، غير قانوني سوسائيٽين ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ سبب  اتي آباد ٿيندڙ ماڻهون سخت پريشان کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهن، جڏهن ته پلاٽ خريد ڪندڙ کان ڊولپمينٽ چارجز پڻ الڳ ورتيون ويون آهن هن جو اهو پڻ چيو ته خيرپور جي عوام کي بلڊرز مافيا کان بچائڻ ۽ خيرپور جي معاشيات ۾ ريڙهه جي هڏي رکندڙ کجين جا باغ ڪٽي زرعي زمين کي پلاٽن ۾ وڪرو ڪندڙ کان بچايو وڃي ، عاشق عباسي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ،ضلعي انتظاميان خيرپور کان مطالبو ڪيو ته غير قانوني سوسائيٽين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري شهرين کان ٿيندڙ ڦرلٽ بند ڪرائي وڃي، ان موقعي تي هن صحافين کين وچن ڏنو ته عوام جي جان مال ۽ عزت آبرو خيرپور جي زراعت کي بچائڻ ۽ روڪڻ لاءِ  ڀرپور تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو.

 نوجوان وقت ضايع ڪرڻ بدران موجوده حالتن مطابق تعليم حاصل ڪن: ڊاڪٽر ڀواني شنڪر

ڄامشورو(ڊ ر ) مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي صلاحڪار ۽ تاحيات پروفيسر ڊاڪٽر ڀواني شنڪر چيو آهي ته اسان جي نوجوانن کي گهرجي ته هو پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ بدران موجوده حالتن جيگهرج مطابق تعليم حاصل ڪن. هن پنهنجي آفيس ۾ صحافين سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي وڌيڪ چيو آهي ته اسان پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي پليٽ فارم تان نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي مختلف موضوعن تي ليڪچر سيريز ڪرائي رهيا آهيون، ليڪچرز سيريز لاءِ اسان مختلف موضوعن تي ٻاهر کان ماهر گهرائيندا آهيون ته جيئن اسان جا آخري سال ۾ پڙهندڙ شاگرد پنهنجي پروجيڪٽس کي نئين ٽيڪنالاجيز ذريعي  مارڪيٽ تائين رسائي لاءِ موقعو فراهم ڪري سگهن.

گهڙائي ڪرمون ميگهواڙ بيمار، سار لهڻ جي اپيل

چيلھار ( ن ع آ ) ٿر جي مشھور گھڙائي ڪرمون ميگھواڙ جي بيماري جو علاج ثقافت کاتو نه ڪرايو مشھور گھڙائي جي ڪا به واھر نه ڪئي ويتر پروگرام ۾ گُھرائڻ بند ڪري ڇڏيو ثقافت کاتو طرفان اھڙي قدم کڻڻ ته شھر جي سڄاڻ ڌُرين طرفان سخت افسوس جو اظھار خبر موجب: ٿرپارڪر جي شھر چيلھار جي ڳوٺ ڦُليو جو رھيواسي ڪرمون ميگھواڙ جيڪا عر سميت سنڌ ۾ مشھور گھڙائي آھي ڪرمون ميگھواڙ پنھنجو گھڙي وارو فن جڏھن شروع ڪري ٿو ته محفل ۾ ويٺلن کي جُھومائڻ ته مجبور ڪري ڇڏي ٿو ڪُجھ وقت کان مشھور گھڙائي ڪرمون ميگھواڙ مُختلف بيمارين ۾ مبتلا بڻجي ويو آھي جنھن جو علاج ذاتي خرچ ته ھلندڙ آھي. پر ثقافت کاتو مشھور گھڙائي ڪرمون ميگھواڙ جي ھيل تائين ڪا به واھر ناھي ڪئي الٽو پروگرامن ۾ گُھرائڻ بند ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته ھنئير به مشھور گھڙائي ڪرمون ميگھواڙ بيماري ۾ مبتلا آھي غُربت سبب وڌيڪ علاج ڪرائڻ جي سگھ نٿو رکي سگھي نوجوان جي حالت ٻيھر خراب ٿي رھي آھي ٻئي طرف شھر جي سڄاڻ ڌُرين بلاول ڀٽو زرداري، چيف منسٽر سنڌ سيد مُراد علي شاھ، ثقافت کاتو جي اختيارين سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ڪرمون گھڙائي جي واھر ڪري مالي مدد ڪري زندگي بچائي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.