قمبر پوليس جو مبينا مقابلو، 2 ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

قمبر  (ن ع آ) قمبر رات دير سان ضلعي قمبر جي ٻن تعلقن جي ٿاڻن جي حدن ۾ مبينا پوليس مقابلا اشتهاري ڏوهاري ۽ مختلف ڪيسن سميت وليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث جوابدارن زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سمير نور چنه پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته رات دير سان ميروخان ٿاڻي جي حد ۾ سجاول روڊ سان پوليس روايتي گشت ڪري رهي هئي ته پوليس کي ڏسي نامعلوم ڦورو پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو نادر جمالي زخمي ٿي پيو جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو جنهن جي قبضي مان هڪ ٽي ٽي پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن جڏهن ته مهي مڪول ٿاڻي جي حد ۾ پنهور موڙ کان ڦورون ۽ پوليس وچ ۾ مبينا مقابلو فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڦورو معشوق علي جمالي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سمير نور چنه وڌيڪ ٻڌايو ته زخمي ڦورن ڪجهه وقت اڳ گشت دوران هڪ پوليس ڪانسٽيبل غلام شبیر ڀٽي کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو ان سان گڏ مٿن مختلف ضلعي جي ٿاڻن تي ڦورن چورين ۽ قتل جو ايف آئي آر داخل ٿيل آهن سندس جي زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيڻ پوليس جي زبردست ڪاميابي آهي جنهن تي پوليس اهلڪارن کي جلد تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.