پکو ۾ ڪاري ڪامڻ وگھي پيرسن فوت

پکو(ن ع آ) پکو شھر سميت آسپاس جي علائقن م ڪاري ڪامڻ جي مرض تي ضابطو نه آيو ، موذي مرض وڌيڪ ھڪ حياتي کسي ورتي ، ڳوٺ راول مياڻي واسي 50 ورھين جو فقير ديدار علي مغيري ڪاري ڪامڻ ۾ ڪافي وقت کان مبتلا رھڻ بعد  فوت ٿي ويو ، فوتي جي وارثن ٻڌايو ته فقير ديدار مغيري ڪاري ڪامڻ سبب سرڪاري اسپتالن مان علاج نه ملڻ تي فوت ٿيو آھي قمبر توڙي لاڙڪاڻو ضلعن جي وڏين سرڪاري اسپتالن ۾ به ڪاري ڪامڻ جي مرض جي دوا ناھي ،  ھوڏانھن علائقي جي  ڳوٺن ۾ ڪارو ڪامڻ وڌڻ تي سماجي ڌرين جو چوڻ آھي ته پکو جي علائقي ۾ ڪاري ڪامڻ وڌڻ جو اطلاع ضلعي انتظاميا کي ڪيو ويو آھي پر ان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي به ٽيمون ھن وقت تائين ناھن پھتيون، جنھن جي ڪري. بزرگ ۽ معصوم ٻار مرض م مري رھيا آھن،علائقي واسين  سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو  ته ڪاري ڪامڻ جي روڪٿام لاءِ جوڳا اپاءُ وٺي زندگيون بچايون وڃن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.