جهڏو مان 3 سالن جو ٻارڙو گم، اغوا جو شڪ

جهڏو(ن ع آ)   جهڏو جي صغير ڪالوني مان 3 سالن جو معصوم ٻارڙو ساگر ولد محمد حنيف ڀٽي پراسرار نموني گم ٿي ويو، انهيءَ سلسلي ۾ ٻارڙي جي والد محمد حنيف ڀٽي جو چوڻ آهي ته منهنجو پٽ گهر ٻاهران راند کيڏي رهيو هو ته هن کي نامعلوم ماڻهو شئي وٺي ڏيڻ جي بهاني سان کڻي ويو، جنهن کي پاڙي جي ٻارڙن کڻي ويندي ڏٺو آهي،اهڙي اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او جهڏو شاهنواز خاصخيلي فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي گم ٿيل ٻارڙي جي وارثن ۽ پاڙي وارن کان پڇا ڳاڇا بعد ٻارڙي جي ڳولا لاءِ جانچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.