لکي لڳ پوليس جي ڪارروائي، اهلڪار سميت چئن ڄڻن کي اغوا کان بچائي ورتو

لکي غلام شاھ(ن ع آ) چڪ ٿاڻي جي حد چڪ سکر روڊ تي  عبدو واھ ۽ گل واھ وٽ هٿياربندن روڊ تي چڙھائي ڪري عبدو وٽ سکر کان چڪ طرف ويندڙ پوليس اهلڪار ارشاد احمد مهر کي گهر واري سميت يرغمال بڻائي ورتو ۽ ڪچي طرف کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس اهلڪار ارشاد احمد مهر مزاحمت ڪئي جنهن تي هٿياربندن کيس ڪلاشن ڪوف جا بٽ ھڻي زخمي ڪيو.واقعي جي اطلاع تي چڪ پوليس پهچي هٿياربندن مٿان فائرنگ ڪئي ته هٿياربند بغير ڪنهن مزاحمت جي پوليس اهلڪار کي زال سميت آزاد ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.ساڳئي رات گل واھ وٽ سارين جي پاڻي تي بيٺل 2 ڄڻن پوليس اهلڪار وحيد شيخ جي پيءُ ۽ ڀاءُ کي يرغمال بڻايو ته هنن دانهون ڪيون گشتي پوليس پهچي ٻنهي ڄڻن کي ڇڏائي ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.