ٽنڊي آدم ۾ قتل ڪيس ۾ 2 جوابدارن جي سڃاڻپ

ٽنڊوآدم ( ن ع آ  ) ٽنڊوآدم ۾ قتل ٿي ويل سفينا جي ڊيلر جو قتل ڪيس عدالت ۾ جوابدارن جي  سڃاڻپ پريڊ ، فريادي ۽ شاهدن پيش ڪيل ٻن جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري ڇڏي ريمانڊ تي پوليس حوالي رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ۾ 5 مهينا اڳ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿي ويل سفينا جي ڊيلر ملان ارشاد جي قتل ڪيس ۾ پوليس پاران گرفتار ڪيل 5 ڄڻن مان 2 ڄڻن وقاص چندريگر ۽ بلال ملڪ جي پوليس گرفتاري ظاهر ڪري  سول جج ون فرحاز ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي ٻنهي جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ ٿي ۔ ڪيس جي فريادي مقتول جي ڀاءُ شمشاد چندريگر ۽ شاهد شعيب ٻنهي جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري ڇڏي ۔ جڏهن ته ڪيس جي جاچ ڪندڙ ٽيم جي انسپيڪٽر ايس ايڇ او بي سيڪشن ٿاڻو ذوالفقار پاهي عدالت کي جوابدارن جي 14 ڏينهن جو ريماند ڏيڻ جي درخواست تي عدالت جوابدارن جو 4 ڏينهن جو ريمانڊ ڏيئي کين  پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب 5 مهينا اڳ ۾ سٽي ٿاڻي جي حد م قتل ٿيل سفينه ديلر ملان ارشاد جي قتل ڪيس جي جاچ ان وقت جي ايس ايس پي سانگهڙ پاران سي آءِ اي سانگهڙ جي ڊي ايس پي جاويد اقبال چانڊيو حوالي ڪئي هئي جنهن غلط جاچ ڪري مقتول جي ملازم آصف شاھ کي جوابدار طور نامزد ڪري  ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو هو عدالت پاران چالان رد ڪري پوليس کي ڪيس جي جاچ ٻيهر ڪري چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو عدالتي حڪم تي اي ايس پي ٽنڊوآدم اياز حسين جتوئي جي اڳواڻيءَ ۾ ٽيم ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي واضح رهي ته پوليس هفتو اڳ ملان ارشاد قتل ڪيس ۾ هفتو اڳ 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو جن مان ٻن جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو آهي جڏهن ته باقي ٽن جوابدارن جي گرفتاري اڃان ظاهر ناهي ڪئي ويئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.