عيد ايندي ئي شيون مهانگيون ٿي ويون آهن:نواز زنئور

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي ته عيد ويجھي ايندي ئي هر شئي جا اگھ وڌي ويا آهن. عمران سرڪار تيل جي قيمتن ۾ بيجا واڌ ڪري مهانگائي وڌائي ڇڏي آهي. جنهن ڪري غريبن، مسڪينن ۽ هيٺئين طبقي جي ماڻھن لاءِ عيد جي خوشي ئي ختم ٿي وئي آهي. حڪمران عوام کان عيدن جون خوشيون به کسي رهيا آهن.. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته مهانگائي سبب غريب ماڻھن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. حڪمران عوام جو احساس ڪرڻ ۽ کين خوشحالي ڏيڻ بدران عوام کي مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري جي گھاڻي ۾ پيڙي رهيا آهن. نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته سڌريل ملڪن جا حڪمران پنهنجي عوام جي زندگي جو معيار بهتر ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا آهن، ان جي ابتڙ هتان جا حڪمران عوام سان سکڻا ۽ ڪوڙا واعدا ڪندا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ غريب وڌيڪ غريب ٿي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته عورتن خلاف تشدد ۽ ظلم وڌي ويو آهي. جنهن جو هڪ مثال قرت العين بلوچ جو سندس مڙس هٿان قتل آهي. قرت العين جي قاتل سميت عورتن جي قاتلن کي قانوني طور ڪابه رعايت نه ملڻ گھرجي. گھرو تشدد کي روڪڻ لاءِ قانون تي عمل ٿيڻ گھرجي. نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته پاڪستان ملينيم گول تي صحيحون ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، جنهن ۾ عورتن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ، گھريلو تشدد جي خاتمي، صنفي امتياز جي خاتمي ۽ عورتن جي ترقي جهڙا نقطا شامل آهن. جيستائين عورتون پاڻڀريون ۽ محفوظ نه هونديون،  ملينيم گول جا مقصد حاصل ٿي نه سگھندا. قومي پارٽي گھر ٿي ڪري ته سنڌ جي عورتن کي تحڦظ ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي خاص قانون سازي ڪري ۽ ان تي عمل کي يقيني بڻائي، ته جيئن عورتن خلاف تشدد، ٻه اکيائي ۽ قتل جهڙن عملن کي روڪي سگھجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.