ڪاڇي جي برسات متاثرن کي لاوارث ڇڏيو ويو آهي:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ حڪومت جي ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن کي لاوارث ڇڏي ڏنو آھي۔ ڪاڇي ۾ غريب متاثر پورھيت بکن ۾ پاھ ٿي بي يارومددگار آھن۔ پيپلز پارٽي حڪومت ڪڏھن بہ عوام جي مشڪل وقت ۾ واھر نہ ڪئي آھي۔ سنڌ حڪومت جي وزيرن ھميشه ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن کي ڪمائي جو ذريعو بنايو آھي۔ عوام کي بي يارومددگار نہ ڇڏيو وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث پوليس آفيسرن کي نوڪرين کان برطرف ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪري جيل موڪليو وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ پوليس ۽ وزير منشيات فروشي ۾ ملوث آھي۔ ھر ضلعي ۽ شھر ۾ ھيروئن، چرس، آفيم، زھريلا گٽڪا ۽ ٻي منشيات نوجوان نسل ۽ ڪيترائي خاندان تباھ ڪري ڇڏيا آھن۔ پوليس وزيرن جي سرپرستي کانسواء منشيات جو ڪاروبار ڪرڻ ممڪن ئي ناھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڄامشورو سي آء اي پوليس اھلڪار منشيات سان گڏ گرفتار ٿيڻ ننڍو مثال آھي۔ اھا منشيات ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر پوليس جي سرپرستي ۾ پھچي ٿي۔ جنھنڪري ماڻھو اجڙي تباھ ٿي رھيا آھن۔ ھوڏانھن ميرپور خاص ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ نوجوان حسين سميجو  حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ  جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان ملاقات  ڪري شموليت جو اعلان ڪيو۔ ان موقعي تي نجمه آرائين ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.