سنڌ جي تيل، ڪوئلي ۽ معدني پيداوار تي ڌاريا قابض آهن: راشد محمود سومرو

باڊھه (ن ع آ  ) جميعت علماءِ اسلام جي صوبائي صدر علامه راشد محمود سومرو باڊهه جي مدينه مسجد ۾ گودڙا مسلم انجمن جي زيرِ اهتمام منعقد ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان جي سنڌ عظيم ۽ سون جهڙي  ڌرتي آهي جيڪا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي پر افسوس جو اسان جي انهن سمورن وسيلن تي ڌاريا قابض آهن، سنڌ جي بدقسمتي رهي آهي ته سنڌ مٿان هميشه چورن ٺڳن، ڦورن ۽ لٽيرن جي حڪومت رهي آهي سنڌ جا ٻيٽ، زمينون، ٻيلا، تيل، ڪوئلو ۽ ٻي معدني پيداوار تي ڌاريا قابض آهن، انهن جو استعمال ته ڇا پر ان جي تور، ماپ ۽ ڪاٿو ڪرڻ به اسان ڌرتي ڄاون کي ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي، جنهن جو مثال بدين سميت ٻين علائقن مان نڪرندڙ خام تيل جي مالڪي پنجاب ڪري رهيو آهي، ڪيترو تيل نڪري ٿو ۽ ڪيتري ۾ وڪرو ٿئي ٿو ان جو سمورو حساب ڪتاب پنجاب رکي ٿو.. پاڪستان اندر گيس ۽ تيل جي کپت جو 80 سيڪڙو پوراءُ سنڌ صوبو ڪري رهيو آهي. وسيلا سنڌ ڌرتي جا استعمال ٿي رهيا آهن پر اسان ڌرتي جي اصلوڪن ماڻهن کي ان بابت ڄاڻ رکڻ جو حق به نه ٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته ٿر مان نڪرندڙ ڪوئلي ۽ گيس تي به ڌاريا قابض آهن اتي قائم انهن ادارن ۾ اسان کي هو نوڪري ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ آواز اٿارڻ تي دودي ڀيل جي قتل ٿيڻ ۽ لجپت راءِ جي پوليس سرپرستي ۾ تذليل ڪرڻ جهڙا واقعا پيش اچن ٿا. بحريه ٽائون جي قبضي خلاف آواز اٿارڻ ۽ پرامن احتجاج ڪرڻ تي سوين ماڻهن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ وڌو پيو وڃي ۽ ڪيترائي ڪوڙا ڪيس مٿن مڙهيا وڃن ٿا. مان سلام پيش ڪيان ٿو صنعان قريشي جي بهادري ۽ همٿ کي جيڪو جيل ۾ هوندي به ڪين ڪيٻايو آهي ۽ جڏهن مان ان سان جيل ۾ ملاقات ڪئي ته هن کي پنهنجي بابا بشير خان قريشي وانگر ڌرتي تان جان نثار ڪرڻ واري جذبي سان سرشار ڏٺم. هن چيو ته افسوس اهو به آهي ته ان سڄي لُٽ ڦر ۾ اسان جا پنهنجا حڪمران پڻ ملوث ۽ قبضه گيرن جا سهولت ڪار آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.