عثمان شاهه هڙي لڳ سوزوڪي اونڌي، 7 ڄڻا زخمي

عثمان شاھ ھڙي (جعفر امين ڇٽو) عثمان شاھ ھڙي ويجھو ٽنڊوالهيار کان مريد ھوٽل ويندي سوزوڪي پيڪ اپ ٽائير برسٽ ٿيڻ سبب درگاھ مسڪين شاھ وٽ ڪلٽي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ 7 ماڻھو زخمي جن ۾ غلام حيدر خاصخيلي ، محمد عيسي مري، غلام حسين مري، نانجي ڪڇي ڪولهي، جئي مل ڪڇي ڪولهي،مسمات زر خاتون، محمد عمر عمراڻي شامل آهن جن کي سول اسپتال ٽنڊوالهيار داخل ڪيو ويو آهي جن مان ٻن زخمين نانجي ڪڇي ڪولهي ۽ جئي مل ڪڇي ڪولهي شديد زخمي ھئڻ جي صورت۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. جڏھن ته پيارو لنڊ پوليس رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.