احمد پور لڳ پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ ڳوٺ وسطڙا ۾ پورھيت وزير علي وسطڙو جي گهر کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي باھ لڳڻ سبب گهر ۾ پيل اناج پڙا سونا زيور روڪ رقم گهريلو سامان ۽ کجين جو رکيل باردانو ٽوئا تڏا ۽ بوھ سڙي رک ٿي ويو آهي ان موقعي تي پورھيت جو چوڻ هو ڄاڻي واڻي دشمني تحت منهنجي گهر کي باهه ڏئي لکين روپين جو نقصان ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آهي جڏھن ته باھ جو اطلاع ڏيڻ باوجود به پيرجوڳوٺ کان فائر برگيڊ عملو نه پھتو اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائي وڌيڪ گهرن کي باھ لڳڻ کان بچائي ورتو ۽ نامعلوم جوابدارن خلاف احمدپور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي ان موقعي تي ھن ايس ايس پي خيرپور کان انصاف جي گهر ڪئي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.