تلهار ۾بااثر واٽر ڪورس کيڙائي ڇڏيو، احتجاج

تلھار ( رپورٽ : عاجز انور لاشاري ) تلھار لڳ يونين ڪائونسل سعيدپور جي ڳوٺ خيرمحمد کوسو ۾ قديمي پڪي واٽر ڪورس کي بااثر ابراھيم ولد فتح محمد کوسو ٽريڪٽر سان کيڙائي ڇڏيو،مقامي زميندارن جون زمينون پاڻي کان محروم، مقامي زميندارن جو احتجاج،ان سلسلي ۾ مقامي زميندارن ظھرو کوسو،ارشاد ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب جي صحافين آڏو دانھيندي چيو ته بااثر ابراھيم جي واٽر ڪورس سان لڳ فقط ڏيڍ ايڪڙ زرعي زمين آھي جڏھن ته ساڳي واٽر سان لڳ اسانجي ويھ ايڪڙ زرعي زمين ۽ ٻين جي ڏھ پندرھن ايڪڙ ھجڻ جي باوجود بااثر ابراھيم کوسو واٽر کي کيڙائي غيرقانوني طور تي پنھجي زمين بڻائي رھيو آھي،قديمي واٽر ڪورس کي بچائڻ لا۽ ايريگيشن آفيس تلھار جا به ھڪ مھيني کان چڪر ڪاٽي رھيا آھيون،درخواست پڻ ڏني پر ايريگيشن عملدارن ڪوئي نوٽس ناھي ورتو جنھن جي ڪري بااثر آھسته آھسته پراڻي واٽر ڪورس کي ٽريڪٽر سان کيڙائڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي.\ واحد اھو ئي واٽر آھي جنھن مان اسان مقامي زميندارن جي زرعي زمينن کي پاڻي ملندو ھو جيڪو ايريگيشن عملي جي نااھلي سبب ھاڻي بند ٿي رھيو آھي،ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان،آئي جي سنڌ سيڊا ڊائريڪٽر،سيشن ڪورٽ بدين کي اپيل ڪندي مطالبو پڻ ڪيو آھي ته بااثر ابراھيم کوسو سان ملوث ايريگيشن عملدارن خلاف سخت مان سخت قانوني ڪاروائي ڪري پراڻي واٽر ڪورس کي آبادگارن کي بچائي ڏنو وڃي جيئن مقامي آبادگار پاڻي کان محروم نه رھي سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.