حيدرآباد ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قاتل کي جنم ٽيپ

حيدرآباد(رپورٽر) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نمبر 2 فورٿ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حيدرآباد 2 سال اڳ عيدالفطر جي ڏينهن نوجوان کي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عبدالرحمان قاضي
عرف موٽا کي ڏوهه ثابت ٿين تي عمر قيد جي سزا ٻڌائيندي وارثن کي 2, 2 لک رپيا هرجاڻو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هرجاڻي جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪٽيندو. عدالت قتل ڪيس ۾ نامزد وڌيڪ ٻن جوابدارن ڪاشف عرف ڪاشو ۽ رياض عرف راجو کي شڪ جو فائدو ڏيندي آزاد ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته قتل جي واردات عيدالفطر جي ڏينهن ٿي هئي. عدالت سينٽرل جيل جي قيدي کي عيد کان ٻه ڏينهن اڳ سزا ٻڌائي آهي. ان کانسواءِ ڄاڻايل عدالت جي او آر ٿاڻي تي داخل قتل ڪيس ۾ وومين جيل جي قيدي مسمات ڪرن پاران داخل ضمانت جي درخواست وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد رد ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.