صنعان قريشي سميت اڳواڻن جي ضمانت منظور ٿيڻ تي نوابشاهه ۾ريلي

نوابشاهه (ڊ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ مرڪزي قيادت سميت ٻين قومي ڪارڪنن جي آزادي جي خوشيءَ ۾ جسقم نوابشاھه پاران شعبان ماٽي، امداد لغاري، ساجن مغيري، طارق سمون، شڪيل لکھمير، فرمان ملاح، ڪاشف لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ روڊ کان ھڪ ريلي ڪڍي جيڪا مقرر رستن کان ٿيندي نوابشاھه پريس ڪلب پھتي جتي ڪارڪنن پاران دھل ۽ شرنائين تي رقص ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آھي ۽ اڄ جو ڏينهن اسان لاءِ تمام خوشي جو ڏينهن آھي جو اسان جو محبوب چيئرمين صنعان خان قريشي سميت مرڪزي قيادت ۽ ٻيا قومي ڪارڪنن ضمانتون ٿيڻ کانپوءِ آزاد ٿيا آھن، ھنن چيو ته اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آھي ته جلد ئي ٻيا ڪارڪن آزاد ٿيندا.

ڪشمير جي اليڪشن ۾ پ پ ڪامياب ٿيندي: ساجد ٻانڀڻ

خيرپور (س ر) پاڪستان پيپلز پارٽي خيرپور ضلعي جي صدر، ايم پي اي ساجد علي ٻانڀڻ چيو آهي ته ڪشمير جي اليڪشن ۾ پ پ ڪامياب ٿيندي ، آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام کي شهيد ڀٽو جي وارث بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت تي فخر آهي، بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو روشن مستقبل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان پيپلز پارٽي خيرپور ضلعي جي صدر، ايم پي اي ساجد علي ٻانڀڻ صحافي شيراز شاهه جيلاني ۽ شاهد نواز سيال جي اڳواڻيءِ ۾ ملندڙ صحافتي وفد سان ملاقات ڪندي ڪيو،  ساجد علي ٻانڀڻ چيو ته عمران خان  تبديليءَ جي نالي تي پاڪستان جي عوام کي مهانگائي ،بيروزگاري،غربت کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، عمران خان چور دروازي کان حڪومت ۾ آيو آهي، عمران جي ڪارڪردگيءَ تي کيس کڻي ايندڙ پاڻ ئي پريشان آهن، هن چيو ته پيپلزپارٽي عوام جي پارٽي آهي، پ پ پ جي باني ۽ قائدين  عوام لاءِ پنهنجون زندگيون قربان ڪري شهادت جو اعليٰ ۽ افضل رتبو ماڻيو، ساجد ٻانڀڻ چيو ته آزاد ڄمون ڪشمير جي ٿيندڙ اليڪيشن ۾ ڪشمير جو عوام شهيد ڀٽو سان محبت جو ثبوٽ ووٽ ذريعي ڏيندو، هن چيو ته شهيد ذوالفقار ڪري ڀٽو چيو ته ڪشمير پاڪستان جي ڇهه رڳ آهي،  والاريل ڪشمير کي پاڪستان جو حصو بڻائينداسين توڙي اسان کي ڪيتريون ئي قربانيون ڇو نه ڏيڻيون پون، شهيد ڀٽو جو وارث بلاول ڀٽو زرداري ناني جي مشن تي ڪم ڪري رهيو آهي، انشاالله تعالي آزاد ڪشمير جو عوام پ پ پ کي ووٽ ڏئي بلاول ڀٽو  جا هٿ مضبوط ڪندو، هن چيو ته مسلم ليگ نواز گروپ مان ڪشمير سميت ملڪ جو عوام بيزار ٿي چڪو آهي، عامر جرنلن ،قابض حڪومتن جون سختيون ۽ تڪليفون سهڻ نواز شريف جي پارٽيءَ جي وس جي ڳالهه ناهي، عوام کي آصف علي زرداري ،بلاول ڀٽو زرداري جهڙن بهادر ليڊرن جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.