عمرڪوٽ ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ٽڪر، 2 نوجوان فوت

 

عمرڪوٽ (رپورٽ : غلام مصطفي مھر ) عمرڪوٽ ڀرسان ھان ڏاريندڙ روڊ حادثو، ٻن موٽرسائيڪلن جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڳڀرو نوجوان فوت، گھر ۾ روڄ راڙو متل. خبر موجب عمرڪوٽ ڀرسان رتنور روڊ تي ڏکويندڙ روڊ تي ھان ڏاريندڙ روڊ حادثو پيش آيو آھي جتي ٻن موٽر سائيڪلن جي ٽڪر ۾ ڳوٺ ڀوجراجيو جا رھواسي 2 نوجوان امير علي ولد انور نھڙي ۽ اصغر علي ولد رمضان نهڙي سخت ٿي پيا هئا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال عمرڪوٽ آندو ويو جتي طبي امداد ڏيڻ بعد سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو هو جتي زخمن جا سور نه سهندي ٻئي نوجوان امير نھڙي ۽ اصغر نھڙي زخمن جا تاب نه سھندي زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن نوجوانن جي فوتگي تي گھرن ۾ قھرام متل آھي جڏھن ته ٻنھي نوجوانن جي بي وقتائتي وڇوڙي تي ڳوٺ ۾ سوڳوار ماحول ڇائينل آھي جڏھن ته حادثي جو رات دير تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.