چمبڙ لڳ نينگر جي قتل خلاف برادري ڪٺ

چمبڙ (ن ع آ ) چمبڙ جي ڳوٺ محمدعلي ڪپري واسي پندرھان ڏينھن پھرئين بيدردي سان تشد ڪري قتل ٿيل   معصوم ساجن ڪپري جي ڳوٺ محمد علي کپري ۾ تعزيتي گڏجاڻي جنھن ۾ سنڌ جي مختلف شھرن مان ڪپري برادري جي ماڻھن ڀرپور نموني شرڪت ڪئي، جتي اڳواڻن محمدبخش ڪپري، وڪيل محبوب ڪپري، سائين درمحمد ڪپري، نيڪ محمد ڪپري، عبدالغفور. وڪيل حنيف ڪپري، عارف ڪپري، محمدسليم، محمدملوڪ، دلوس خان ۽ ٻين ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي ۾ خطاب ڪندي چيو اسان معصوم ساجن ڪپري جي بيگناھ خون کي رائغان وڃڻ ھر گذ نہ ڏينداسين معصوم ساجن ڪپري جي گرفتار ٿيل قاتلن کي قانوني طور طريقن سان سخت کان سخت سزا ڏياري سک جو ساھ کڻنداسين اڳواڻ ڪوٺايل تعزيتي گڏجاڻي ۾ گڏ ٿيل ڪپري برادري جي ماڻھن کي ھدايتون ڏنيون تہ پنھنجي ٻارڙن کي اعلیٰ تعليم ڏيو، پنھنجي مستقبل کي سنواريو وڃي جڏھن ته سندس وارثن ۽ مختلف ضلعن مان آيل ڪپري برادري جي ماڻھن سندس خون سان انصاف ٿيڻ جا اڀ اڏاريندر نعرا ھنيا ۽ چيو ته ساجن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ساجن جي قاتلن کي ڪڙي کان ڪڙي سزا ڏني وڃي.

جدو جهد جي علامت بڻيل ڪامريڊ شينهن رند مٽي ماءُ حوالي

جوهي ( ن ع آ) انقلابي هيرو جدوجهد جي علامت بڻيل  ايم  آرڊي تحريڪ ۽ زرعي پاڻي لاء احتجاجن دوران جيل ڪاٽيندڙ جوهي جي زرعي پاڻي جي جدوجهد  لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪندڙ عوامي تحريڪ جو اڳواڻ هارين مذدورن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ جوهي لڳ ڳوٺ بخش علي رند جو رهواسي ڪامريڊ غلام قادر شينهن رند ڪراچي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جي ميت  ڪراچي کان جوهي پهچڻ تي سڄو شھر جو ماحول سوڳوار بڻجي ويو مرحوم آبادگار اڳواڻ غلام قادر شينهن رند جي جنازي نماز جوهي لڳ حسن درويش ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي مذھبي ادبي ۽ مختلف مڪتب فڪر سان وابسته سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪئي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد  مرحوم کي سوين آلين اکين سان مٽي ماء حوالي ڪيو ويو, سندس تڏو جوهي لڳ ڳوٺ بخش علي رند ۾ وڇايو ويو آهي جتي سندس پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

جسقم اڳواڻن جي ضمانت منظور ٿيڻ تي کهڙا ۾مٺائي ورهائي وئي

کهڙا (ن ع آ) کهڙا ۾ جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي سميت قومي ڪاڪنن جي ڪيسن ۾ ضمانتون منظور ٿيڻ جي خوشي ۾ مٺائي ورهائي وئي جسقم اڳواڻ ڪامريڊ محمد علي اڄڻ. نور سنڌي. اعجاز ڦلپوٽي پريس ڪلب پهچي صحافين ۽ جسقم ڪارڪنن کي مٺائي کارائي خوشي جو اظھار ڪيو ۽ جسقم ڪارڪنن صنعان خان سميت قومي ڪارڪنن جون ضمانتون منظور ٿيڻ تي خوشي مان هڪ ٻئي کي ڳلي ملي مبارڪون ڏنيون.انهي موقعي تي جسقم اڳواڻ محمد علي اڄڻ چيو ته اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي آھي اسان جي محبوب اڳواڻ صنعان خان قريشي سميت قومي ڪارڪنن جون ضمانتون ٿيون آھن جيڪا حق سچ جي فتح آھي ان چيو ته قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء اسان جي ڪيل جدوجهد کي  عوامي آواز ميڊيا گروپ سميت سنڌي ميڊيا ڀرپور ساٿ ڏنو اسان عوامي آواز ميڊيا گروپ جا تمام گهڻا ٿورائتا آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.