خيرپور ۾رٽائرڊ ملازمن جو ٽي اي او خلاف احتجاج

خيرپور (س ر) ريٽائرڊ ملازم يونين جي ضلعي صدر فقير شفي محمد سولنگي،فرزند علي،محمد پيرزادو، جهاگير، حسين بخش، پيراڻو خان، مسمات خير النساءَ ۽ ٻين  خيرپور ۾ اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته تعليم کاتي جو تعلقه آفيسر خيرپور هر ڪم تي رشوت مقرر ڪري ڇڏي آهي، فوت ٿي ويل ملازمن جي وارثن کان جي پي فنڊ ڪيس ، گروپ انشورنس ڪيس،فناسل ڪيس،فوتي ڪوٽا ڪيس،فيملي پيشن ،رٽائرمنٽ  پيشن سميت هر بل تي هزارين روپين رشوت مقرر ڪري ڇڏي آهي، جيڪو ملازم جو وارث رشوت نه ٿو ڏئي ان جي بل تي آبجيڪشن هڻي واپس ڪري رلائي رهيو آهي،فقير شفي محمد سولنگي چيو ته بل نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويل ملازمن جي بيوه  ۽ يتيم ٻار سخت پريشان آهن، هن چيو ته فوت ٿي ويل ملازم جا ٻار بيوه پهريان ئي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن الٽو وري ٽي او آفيس ۾ هر ڪم تي ڳري رشوت مقرر ڪئي وئي آهي،بغير رشوت جي ڪنهن ڪيس تي صحيح نه ٿو ڪري جنهن ڪري بيوه عورتون ۽ انهن جا يتيم ٻار ٻه وقت ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن، هنن چيوته نااهل ڪرپٽ آفيسر ڪفن به لاهي وٺي ٿو،هنن وزير اعليٰ سنڌ،چيف سيڪريٽري سنڌ، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن سکر، ڊي اي او خيرپور ۽ ٻين وسوارن کي اپيل ڪئي ته راشي ڪرپٽ نااهل آفيسر کي هٽائي ايماندار ٽي او تعليم مقرر ڪري ريٽائرڊ ملازمن جا جائز بل پاس ڪيا وڃڻ، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.