ميهڙ ۾شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس، برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو ويو

ميهڙ (ت ر) سنڌي ٻٽڙا شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ ، گندگي ۽ ٻين مسئلن جي لاء شهري اتحاد جي شڪايتن تي  مختيارڪار  ڪي اين شاه سعيد احمد کونهارو   سنڌي ٻٽڙا پهچي شھر ۾ بيٺل برسات جو پاڻي ڪڍرايو  مختيارڪار شھر ۾ يوٽلٽي اسٽور جو دورو ڪيو ۽ شھر ۾  سبزي ۽ ڪريانا  جي دڪانن تي وڃي ريٽ لسٽ چيڪ ڪئي ۽ دڪاندارن کي ااگھ واري لسٽ  هڻن جي هدايت ڪئي ان موقعي تي شھري اتحاد جي اڳواڻن .شهري اتحاد اڳواڻ غلام نبي قمبراڻي، شوڪت علي ٻٽڙو، سميع اللله جتوئي، عاجز عجيب الله، نورمحمد جتوئي ۽ ٻين شھر م صفائي نه ٿيڻ گندگي مھانگائي جون شڪايتون ڪيون مختيارڪار ڪي اين شاھ شھرين کي شڪايتون دور ڪرڻ شھر م صفائي ڪرائڻ سميت شھرين جي مسئلن جي حل جي يقين دھاني ڪرائي مختيارڪار سعيد احمد کونهارو چيو ته شھرين جي شڪايتن تي پھچي شھر جو دورو ڪري شھري مسئلن جو جائزو ورتو آهي يوسي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته جلد شھرين جا مسئلا حل ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.