ميرپورخاص پوليس جو ڇاپو، 24 ڪلو چرس هٿ، هڪ جوابدار گرفتار

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي العمران ٽائون ۾ منشيات جي وڏي ذخيري جي ڳجھي اطلاع تي سي آءِ اي پوليس انچارج عنايت زرداري ۽ مهراڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او عابد نون پوليس اٽالن سان ڇاپو هڻي 24 ڪلو چرس هٿ ڪري هڪ جوابدار غلام محمد ملڪ کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته هڪ جوابدار عاشق ڪيريو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو

سڪرنڊ ۾امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس جو گشت

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ شهر ۾ عيد جي موقعي تي امن و امان کي برقرار رکڻ لاءِ سڪرنڊ پوليس جي ڊي ايس پي سمون خان بهڻ ، ايسايڇ او وسيم مرزا وڏي پوليس نفري ساڻ ڪري شهر جي مختلف علائقن جو گشت ڪيو. گشت دوران ڪجهه شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا لاءِ کين حراست ۾ ورتو. ان موقعي تي ايس ايڇ او وسيم مرزا چيو ته عيد جي موقعي تي امن و امان جي حوالي سان شهر اندر پوليس جو گشت وڌايو آهي. شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي پوليس جي سنيپ چيڪنگ کي وڌايو آهي جيئن ڪو واقعو پيش نه اچي سگهي.

ڀرياسٽي لڳ بيهوش ٿيل پيرسن هٿ، ملو مهاجر طور سڃاڻپ

ڀرياسٽي ( ن ع آ )  ڀرياروڊ ريلوي اسٽيشن ڀرسان 50 ورهين جو  شخص روڊ تي ستل نشي جي حالت  ۾ هٿ. اڻڃاتل شخص ڪيترائي ڪرائي ڪلاڪ روڊ تي بيهوشي واري حالت ۾ پيل هجڻ ڪري شهرين جو وڏو هجوم ڏسڻ لاءِ پهتو، ڀرياروڊ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي اڻڄاتل شخص کي اسپتال کڻائي وئي جتي سندس جي سڃاڻپ ڀرياروڊ جي ڳوٺ چاهين منومل واسي ملو پٽ رشيد مهاجر طور ڪئي وئي۔ جڏهن ته ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته روڊ تي پيل شخص مال جي واڙن تي پورهيو ڪندو آهي ۽ نشو پڻ واپرائيندو آهي

لاڙڪاڻي چانڊڪا ۾ نامعلوم ماڻهو مستاني ناري ڇڏي فرار

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ نامعلوم ماڻهن پاران زخمي حالت ۾ 18 سالن جي مستاني ناري کي ڇڏي روانا ٿي ويا، جنهن کي ڊاڪٽرن طبي امداد ڏني. ڊاڪٽرن موجب ناري مٿان تشدد ناهي ٿيو پر مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب هوءَ زخمي ٿي آهي جنهن جو علاج جاري آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين زخمي مستاني ناري جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.