صالح پٽ لڳ حملو، گهر ڀاتي يرغمال، پرڻيل عورت اغوا، احتجاج

سکر ( رپورٽر ) صالح پٽ جي رهواسي بهرام خان شر پنهنجي گھرواري مسمات رحيمان ۽ ٻارن سان گڏ سکر پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ٻڌايو آهي ته سندس ڌيءَ وزيران گھريلو تڪرار تان مڙس پرويز کان طلاق ورتي هئي. جنهن کانپوءِ هو اسان جي گھر رهندي آهي. 6 ڏينهن اڳ جوابدار علي حسن، علي بهار، گوهر علي، لالو ۽ ٻين اسان جي گھر تي حملو ڪري سمورن گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي منهنجي ڌيءَ وزيران کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن. واقعي جو اطلاع صالح پٽ پوليس کي ڏيڻ باوجود هن وقت تائين ڌيءَ کي بازياب ناهي ڪرايو ويو ۽ نه ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف ڪاروائي ڪري ڌيءَ کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.