باڊهه لڳ همراهه هاف فراءِ ، مقابلي جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) باڊهه ٿاڻي جي حد وهڻي روڊ تان مبينا مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري حسين بخش کوکر کي پوليس چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ايس ايس پي آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري عمر قيد جي سزا يافته آهي جنهن مٿان شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن جي مختلف ٿاڻن تي اغوا، دهشتگردي، ڌاڙن، ڦرلٽ ۽ پوليس مقابلن سميت ڪيترائي سنگين نوعيت جا ڪيس پڻ داخل آهن. هوڏانهن مبينا ڏوهاري کي پوليس طرفان اسپتال منتقل ڪرڻ تي سندس جا گهر ڀاتي ۽ مٽ مائٽ وڏي انگ ۾ اسپتال پهتا جتي مبينا ڏوهاري جو پٽ زاهد کوکر پنهنجي پيءُ کي زخمي حالت ۾ ڏسي بيهوش ٿي پٽ تي ڪِري پيو جنهن دوران وارثن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا جيڪي پوليس کي پٽون پاراتا پڻ ڏيندا رهيا. ان موقعي تي مبينا ڏوهاري جي ڀاءُ غوث بخش کوکر ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻو پوليس ڀاءُ کي گڏهه گاڏي سميت گرفتار ڪرڻ بعد گذريل رات دير سان ڪوڙي مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪري ظلم ڪيو آهي. هن آءِ جي سنڌ سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته جڙتو مقابلي جي شفاف نموني جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.