نئون ديرو لڳ پيرسن تشدد بعد فوت، عورت اغوا ۽ وڪرو جا الزام، ڌرڻو

نئون ديرو رپورٽ: ارشادعلي ميراڻي ) لاڙڪاڻو روڊ تان ڳوٺ محمد خان ناريجو واسي پيرسن هادي بخش ناريجو موٽر سائيڪل سميت زخمي حالت ۾ پيل هو جنهن کي رستي تان گذرندڙ ماڻهن ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن بعد نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس پهچي زخمي پيرسن کي بيهوشيءَ واري حالت ۾ نئون ديرو اسپتال پهچايو جتي وارثن کي اطلاع ڪيو ويو جنهن بعد پيرسن کي نازڪ حالت هجڻ ڪري چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. فوتي پيرسن جي لاش جو نئون ديرو اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارث راهوجا ڀرسان ڳوٺ محمد خان ناريجو کڻائي آيا، جتي فوتي پيرسن جي وارث عورتن، مردن ۽ ٻارڙن احتجاج ڪيو. احتجاج ۾ شامل پيرسن جي پٽن راهب، عبدالستار، زال اشرف خاتون چيو ته  والد کي مٿي ۾ ڌڪ هڻي تشدد جو نشانو بڻائي مرڻينگ حالت ۾ روڊ تي اڇلايو جتي منهنجو والد تڙپي تڙپي فوت ٿيو آهي. ڄاڻايل جوابدار 3 مهينا اڳ اسان جي ڀيڻ ارباب خاتون کي زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا جنهن کي هنن بدنام ڌاڙيل محبت ناريجو وٽ 3 لکن ۾ وڪرو ڪيو ويو آهي جيڪا هن وقت تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي. ۽ ان جي بازيابي لاءِ نئون ديرو ٿاڻي جي اڳوڻو ڊي ايس پي شاهجهان شاهه ۽ اڳوڻي ايس ايڇ اوشاهد ميمڻ جوابدار ڌر کان رشوت ورتي جنهن ڪري انهن خلاف ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو، هوڏانهن الزام هيٺ آيل جوابدار ڌر جي لطيف ناريجو جو چوڻ هو ته اسان جو ان مامري سان ڪو به تعلق ناهي، اسان کي بيگناهه ان مامري ۾ گهليو پيو وڃي. فوتيءَ جو بدنام ڌاڙيلن واري ڌر سان رابطو هو جنهن پاڻ پنهنجي نياڻي ڌاڙيلن کي وڪرو ڪئي جنهن جي اسان مخالفت ڪئي هئي جنهن تي هو اسان مٿان ڏمريل هو. اسان کيس قتل ناهي ڪيو. اسان جي مٿان ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳايا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.