لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلا ، 3 ڏوهاري گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ميروخان ۽ مهي مڪول ٿاڻن جي پوليس ٻن ڌار مبينا مقابلن ۾ ٺوڦ چوسو واسي مبينا ڏوهاري نادر علي جمالي ۽ سندس ڀاءُ معشوق علي جمالي کي هٿيارن سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي ميروخان ۽ مهي مڪول ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن ٻڌايو ته گذريل رات دير سان ميروخان ٿاڻي جي حد ميروخان، سجاول روڊ لڳ پنجابي موڙ وٽ پوليس معمول جي گشت تي هئي ته اوچتي ڏوهارين فائرنگ ڪري ڏني جتي مقابلي ۾ پوليس ڏوهاري نادر علي جمالي کي هٿيارن سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو ۽ انهن جا ساعي معشوق جمالي، راجا عرف اطهر چانڊيو ۽ ٻه نامعلوم ڏوهاري اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا. اهلڪارن ٻڌايو ته مهي مڪول ٿاڻي جي پوليس حد جي قمبر – ميروخان روڊ لڳ پنهور موڙ وٽ تاڙ ۾ ويٺل ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ ڪئي ته مقابلو ٿيو جنهن ۾ پوليس نادر علي جمالي کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته سندن جو ساٿي راجا عرف اطهر چانڊيو ۽ ٻه نامعلوم اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا. اهلڪارن وڌيڪ ٻڌايو ته زخمي حالت ۾ گرفتار معشوق علي جمالي ۽ نادر علي جمالي پاڻ ۾ ڀائر آهن جن گذريل سال اي سيڪشن شهدادڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس اهلڪار غلام شبير ڀٽي کي شهيد ڪري فرار ٿي ويا هئا جن مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.