اسلام ڪوٽ لڳ ٻارڙو پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت

اسلام ڪوٽ(ت،ر) اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ڪنڀاريو ۾ انتهائي افسوس ناڪ واقعو پيش آيو جتي  اڍائي ورهين جو معصوم ٻارڙو شهزاد پٽ چاڪر سمون گهر جي اندر پاڻي اسٽور ڪرڻ لاء زير زمين ٺهيل پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪري  ٻڏي فوت ٿي ويو،انهي سلسلي ۾ چيو وڃي ٿو ته ٻارڙو شهزاد گهر جي اڱڻ ۾ راند کيڏي  رهيو هو ته اوچتو راند ڪندي ٽانڪي ۾ ڪري پيو جنهن کي گهر وارن ڪرندي ڏسي ورتو ۽ بروقت ٽانڪي اندر لهي ٻارڙي کي ٻاهر ڪڍي ورتو پر ٽانڪو اونهو هجڻ سبب ٻار ٻڏي بيهوش ٿي ويو جنهن کي علاج واسطي  وارث کڻائي اسلام ڪوٽ اچي رهيا هئا ته هو وچ رستي ۾ ئي  فوت ٿي ويو،هوڏانهن واقعي بعد گهر ۾ قهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.