پيرڳوٺ لڳ ڳوٺاڻي جي گهر کي باهه، الهه تلهه رک

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرڳوٺ لڳ پورهيت جي گهر تي باھ، قيمتي سامان، اناج سڙي ويو. رپورٽ موجب پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ وسطڙا ۾ پورهيت وزير وسطڙو جي گهر کي باھ لڳي وئي آهي، باھ لڳڻ ڪري گهر ۽ گهر ۾ پيل سمورو سامان، اناج سڙي رک ٿي ويو آهي. جڏهن ته گهر کي پناه لاء ڏنل لوڙهو پڻ سڙي ويو آهي. ڳوٺاڻا صرف جانيون بچائي مس نڪتا. جڏهن ته باھ لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.