سٺ ميل لڳ ٻارن سميت اغوا ٿيل عورت بازياب نه ٿي، احتجاج

اٺهٺ موري (ن ع آ) سٺ ميل ڀرسان ڳوٺ سيد وريل شاھ مان شادي شدهه عورت پنهنجي ٻن نياڻين ۽ معصوم پٽ سميت اغوا ٿي ويا، ھڪ مھينو گذرڻ  باوجود پوليس اغوا ٿيل ماڻهن جو ڪو به پتو نه لڳائي سگھي حد جي پوليس به مڪمل خاموش اغوا ٿيل ماڻهن جي وارثن طاھر خاصخيلي، نجف خاصخيلي ۽ اعظم خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اٺھٺ موري اڳيان  احتجاج ڪندي چيو ته اسان جا چار ماڻھون ٻه عورتون ٻه ٻار اغوا ٿي ويا آهن  اغوا ٿي ويل ماڻهن جا نالا پورھيت گونگي اعظم خاصخيلي جي گھرواري  زاھدان خاصخيلي، سندس ڌي 13 سالن جي ناھيدا 4 سالن جي سوھانا ۽ 2 سالن جو معصوم پٽ مظھر علي آھي، جن کي گزريل مھيني جون جي 15 تاريخ تي امير علي چانڍيو اغوا ڪري گم ٿي ويو آهي، اسان پاڙي جي نيڪ مردن ۽ چگن مڙسن کي به دانھون ڏنيو آهن، پر ھن مھل تائين اسان جي ڪير مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو ته اسان اھڙي اغوا واقعي جي ايس ايس پي نواب شاھ کي به درخواست ڏني آهي، جنهن اسان کي سٺ ميل ٿاڻي تي موڪليو اسان ايس ايڇ او سٺ ميل سان ملي ڪري حقيقت ڪئي پر پوليس اسان جي ھڪ به نه ٻڌي، ماڻهن کي اغوا ٿيندي ھڪ مھينو پورو  ٿي ويو آهي ڪيس به داخل ٿيو آهي پر پوليس اغوا ۾ ملوث جوابدارن مان ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي باقي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪجهھ ناھي ڪيو اسان کي خدشو آهي ته اغوا ڪندڙ امير علي چانڍيو ۽ ٻيا جوابدار ملي ڪري اسان جا اغوا ٿيل ماڻهون اڳتي ڪـنھن جاءِ  تي کپائي ڇڏيندا،ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او سٺ ميل شوڪت علي کوسو  ٻڌايو ته اسان پنج جوابدارن تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو آهي جنهن مان ھڪ جوابدار گرفتار ڪيو آهي باقي جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھيون، جن کي گرفتار ڪري اغوا ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائينداس

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.