جونگل لڳ گونگو پٽ سميت گم، وارث پريشان

جونگل  ( ن ع آ ) جونگل ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جي حد مان ٻه ڏينهن اڳ جونگل جي ڳوٺ يار علي پهوڙ جو رهواسي گونگو نوجوان 23 ساله عمران پهوڙ پنهنجي معصوم پٽ 4 ورهين جي  ڪامران سميت ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جي حد مان مبيناگم ٿي ويو آهي، ان حوالي سان گم ٿيل نوجوان عمران پهوڙ جي والد محمد شريف پهوڙ صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ ڪنن کان ٻوڙو ۽ گونگو آهي پنهنجي معصوم پٽ سميت ميرپور ٿاڻي جي حد مان گم ٿي ويو آهي. هنن ڳالهائندي چيو منهنجو پٽ پنهنجي چاچي وٽ رومنبو ڪرڻ لاءِ  ويل هو واپس سچڻ مهل ڀٽي اسٽاپ وٽان گم ٿي ويو آهي چيو ته اهڙي رپورٽ اسان ميرپورٻرڙو پوليس کي اطلاع ڏنو آهي پر پوليس پٽ جي ڳولا ڪون پئي ڪري  هن ايس ايس پي جيڪب آباد اپيل ڪندي چيو ته منهنجي پٽ ۽ پوٽي جي ڳولا ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.