ممبئي ۾ تيز طوفاني برساتن تباهي مچاي ڇڏي، 22 ڄڻا فوت

ممبئي (م ڊ)  ڀارت جي صنعتي شهر ممبئي ۾ تيز طوفاني برساتن دوران 22 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ممبئي شهر ۾ تيز طوفاني برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي. برسات دوران ٽن مختلف حادثن ۾ 21 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.  ڀارتي وزيراعظم فوت ٿي ويلن جي وارثن کي 2 لک روپيه جڏهن ته زخمين کي 50 هزار روپيه معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي حادثي تي ڏک جو اطهار ڪندي چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙي ۾ ڏکويل خاندان سان گڏ آهيون. ممبئي ۾ طوفاني برساتن دوران ڀت ڪرڻ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جا واقعا پيش آيا جنهن ۾ فوتگيون ٿيون. برساتن دوران ڀت ڪرڻ سبب 11 ڄڻا فوت ٿيا آهن. ممبئي جي علائقي کهرولي ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب 5 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. زخمين کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. شهري انتظاميه الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ۽ شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

سعوي عرب، حج جي قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي 20 ڄڻن تي ڏنڍ

رياض (م ڊ) سعودي عرب جي اختيارين حج جي قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 20 ڄڻن تي ڏنڍ وڌو آهي. سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) مطابق گذريل ڏينهن 20 ڄڻا حج جي قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي پڪڙيا ويا جنهن تي کين اٽڪل 10 هزار ريال ڏنڍ جي سزا ڏني وئي آهي. حج سيڪيورٽي فورس جي ترجمان بريگيڊيئر سميع الشوزيرخ سمورن سعودي شهرين ۽ رهائشين کي چيو آهي ته هو هلندڙ سال حج سيزن جي سلسلي ۾ ڏنل هدايتن تي عمل ڪن ۽ سيڪيورٽي اهلڪار ايندڙ ماڻهن جو طئي ٿيل قاعدن تي عمل کي لازمي بڻائن ۽ جيڪي ماڻهو مقدس هنڌن سميت مسجدن، منيٰ، مزدلفه، عرفات جي حصن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪن انهن کي اجازت کانسواءِ وڃڻ نه ڏنو وڃي.

رياض: تيل جي آمدني ۾9 ارب ريال جو  اضافو

رياض (م ڊ) سعودي عرب جي خام تيل جي روانگي واپار ۾ پهرين ٽه ماهي دوران 6.6 سيڪڙو اضافي سان ان  مد جي آمدني ۾ 9.5ارب ريال جو اضافو ٿيو .سعودي اخبار انگ اکرن واري کاتي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته هلندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي دوران تيل جي روانگي واپار ۾ 23.1  سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي، جنهن سان  59.9 ارب ريال جي آمدني ٿي .جڏهن ته 2020ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ تيل جي روانگي واپار مان 48.7 ارب ريال آمدني ٿي هئي.انگ اکرن واري اداري جوڻ آهي ته هلندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ڪل روانگي واپار28.2 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿيوآهي.

سعودي عرب پاران پرڏيهه کان اڳ ڪورونا ويڪسين جون ٻئي خوراڪون ضروري قرار

رياض (م ڊ) سعودي عرب چيو آهي ته سمورن شهرين کي 9 آگسٽ کان ملڪ کان ٻاهر سفر ڪرڻ کان اڳ ڪورونا ويڪسين جون ٻئي خوراڪون لڳائڻ ضروري هونديون. سعودي ميڊيائي ذريعن مطابق گهرو وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته نوان قدم 12 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن تي لاڳو نه ٿيندا بشرطيڪ انهن جي ٽريول انشورنس پاليسي ۾ ڪورونا بابت خرچ شامل هوندا ۽ سعودي عرب جي مرڪزي بئنڪ اڳ ئي منظوري ڏئي چڪي هجي. عملدارن مطابق گذريل 6 مهينن دوران ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيا هئا ۽ انهن کي جيڪڏهن ويڪسين لڳرائي وئي آهي ته انهن کي مستثنيٰ قرار ڏنو ويو آهي. گهرو وزارت مطابق هي فيصلو عالمي سطح تي انفيڪشن جي نئين لهر سبب ڪيو ويو آهي.

سعودي ولي عهد ميرج گرانٽس لاءِ 10 لک ڊالر مقرر ڪيا آهن: رپورٽ

رياض ( م ڊ) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ميرج گرانٽس لاءِ 10 لک ڊالر مقرر ڪيا آهن. عرب نيوز موجب ولي عهدشهزاده مهمد بن سلمان ملڪ جي 200 نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي شادين لاءِ 37 لک سعودي ريال ( 9 لک 86 هزار ڊالر ) ورهائڻ جا آرڊر جاري ڪيا آهن، اها رقم ولي عهد جي يتيمن ۽ مختلف طرح جا معزور ماڻهن جي جذبي تحت جاري ڪئي پئي وڃي اهي ماڻهو محمد بن سلمان پروگرام جي ترجيح ۾ شامل آهي.

آسٽريليا جي مسلمانن سان مت ڀيد وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي: اي ايچ آر سي

ڪينبرا (م ڊ) آسٽريليا ۾ مسلمانن جي وڏي انگ کي مت ڀيد واري سلوڪ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. چيني خابرو اداري آسٽريلوي هيومن رائٽس ڪميشن (اي ايچ آر سي) جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته آسٽريليا ۾ 80 سيڪڙو مسلمانن کي مت ڀيد واري سلوڪ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. سروي ۾ شامل هڪ هزار جواب ڏيندڙن جو چوڻ آهي ته کين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان مت ڀيد واري سلوڪ کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته 48 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ آهي ته انهن کي ڪم جي جاءِ يا ڪم جي ڳولا دوران ان مسئلي کي منهن ڏيڻو پيو. سڊني ۾ رهندڙ هڪ مسلمان وڪيل ظهير ادريس جنهن 5 سالن جي عمر ۾ ڏکڻ آفريقا کان آسٽريليا هجرت ڪئي، جو چوڻ هو ته هن 9/11 جي دهشتگرداڻن حملن کانپوءِ مسلمان آسٽريلوي شهرين سان متڀيد واري سلوڪ ۾ اضافو ڏٺو آهي. ان سروي ذريعي اعليٰ سطح جي اسلاموفوبيا جو انڪشاف ڪرڻ باوجود 63 سيڪڙو سرڪت ڪندڙن جو چوڻ آهي ته انهن جي خيال ۾ آسٽريليا هڪ سٺو ملڪ آهي ۽ 74 سيڪڙو چيو ته هو پاڻ کي آسٽريلوي محسوس ڪن ٿا.

نائيجيريا ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ 13 پوليس اهلڪار مارجي ويا

ابوجا (م ڊ) نائيجيريا جي اتر اولهه واري رياست زمفاره ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ 13 پوليس اهلڪار مارجي ويا. چيني خابرو اداري مطابق مقامي پوليس جي ترجمان محمد شيهو ٻڌايو ته بنگوڊه ضلعي جي ڪراراموٽاگان ۾ پوليس يونٽ تي ان وقت حملو ڪيو ويو جڏهن کين ويجهي ڳوٺ جي رهائشين کان اطلاع مليو ته ڌاڙيلن انهن جا جانور چوري ڪري ورتا آهن، ان دوران هٿياربندن جي حملي ۾ 13 پوليس اهلڪار مارجي ويا. هن ٻڌايو ته ويجهي ٻيلي ۾ حملو ڪندڙن جي ڳولي شروع ڪئي وئي آهي. واضح رهي اتر اولهه نائيجيريا ۾ ڏوهاري ڳوٺن مان جانور چوري ڪندا آهن ۽ ڀنگ عيوض اغوا ۽ سامان ڦرڻ کانپوءِ گهرن کي باهه ڏئي ڇڏيندا آهن. تازن مهينن ۾ انهن ڏوهارين اسڪولن تي ڪيترائي حملا ڪيا ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي اغوا ڪري ڀنگ طلب ڪيو.

انڊونيشيا ۾ ڪورونا وائرس وگهي 17 ڏينهن ۾ 114 ڊاڪٽر فوت

جڪارته(ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 17 ڏينهن ۾ 114 ڊاڪٽر فوت ٿي ويا. انڊونيشيا ۾ جولاءِ جي ٻن هفتن ۾ ڪورونا جي ڀارتي قسم ڊيلٽا سڄي ملڪ ۾ انفيڪشن جي شرح ۾ تيزي سان واڌ ڪري ڇڏي آهي. سڄي ملڪ ۾ 95 سيڪڙو هيلٿ ورڪرز جي ويڪسينيشن ڪئي پئي وڃي پر ان جي باوجود هيلٿ ورڪرز عالمي وبا جو شڪار ٿي رهيا آهن. انڊونيشيا جي ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي سينيئر اڳواڻ مهيسا پرانا ديپا جو چوڻ آهي ته وبا جي آغاز کان هن وقت تائين 545 ڊاڪٽر موت جي وات ۾ وڃي چڪا آحن. انڊونيشيا ۾ هن وقت تائين 44 هزار 721 ڪيس ۽ هڪ هزار 93 فوتگيون رپورٽ ٿي چڪيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.