هن سال به ڪاڇو ٻڏي ويو، واهر نه ٿي

اداريو

هن سال به سانوڻيءَ جي پهرئين وسڪاري ۾ ئي ڪاڇي جي ٻڏڻ جا اطلاع آهن، خاص ڪري ٽي ڏينھن اڳ ڪاڇي ۽ کيرٿر جبلن مٿان سانوڻيءَ جي وسڪاري ڪري نئين گاج 25 فوٽن کان وڌيڪ وهي آئي ۽ نئين گاج جي پاڻي ڪاڇي جي ڳوٺن ۽ فصلن کي ٻوڙي ڇڏيو.، هن وقت ڪاڇو ٻوڏ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن ڪري ڪاڇي جي عوام جو رابطو سموري سنڌ ۽ خاص ڪري دادو ضلعي سان ڪٽجي چڪو آهي، جنهن ڪري ڪاڇي جو عوام انتهائي سختين ۽ تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

ٻئي پاسي ڇني ويجهو  ايف پي بند کي لڳل روڻ گهاري ۾ تبديل ٿي وئي آهي ۽ آر ڊي پنجاهه وٽ لڳل روڻ پڻ انتظامي نااهليءَ سبب گهاري جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن ڪري واهڻ مولوي نور محمد رودناڻي، علي جمالي شاهه، محمد رودناڻي سميت سوين ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا  آهن، گاج بند ٽٽل ھئڻ ڪري پاڻي جو رخ ڊرگهھ بالا جي پاسي ڪيترائي ڳوٺ  جعفر خان لنڊ، سڄڻ پئي، شڪلاڻي لنڊ، محمد حسن گرماڻي، ننگر داريو،  مسو رستماڻي، رحيم خان لغاري،  ڪيٽي سجاول راڄوڳنڊو  ۽ ٻيا ڳوٺ پاڻي جي گھيري ۾ آهن ڳوٺاڻان پنھنجي مدد پاڻ ڪريو  تحت محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿي ويا پر ٽي ڏينھن گذرڻ باوجود حاجي خان ڊرگهھ بالا جوھي روڊ ھنڌان ھنڌان ٽٽي وڃڻ ڪري علائقي واسين جو دادو جوھي سان رابطو ڪٽيل آھي جنھن سبب علائقي ۾ کائڻ پيئڻ جي شين جي شديد کوٽ ٿي وئي آھي بيمار ماڻھو سخت پريشان آھن.

ڪاڇي ۾ ٻوڏ آحي جنهن ڪري  سون جي انگ ۾ ڳوٺ ۽ هزارن ۽ لکن جي انگ ۾ ڪاڇي جا رهواسي انتهائي مصيبت ۾ آهن ان هوندي به هن وقت تائين نه ته ضلعي انتظاميا ۽ نه ئي وري سنڌ حڪومت ڪو تحرڪ ورتو آهي، علائقي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته حيدرآباد جو ڪمشنر نئن گاج جي ٻوڏ متاثرن علائقن جو دورو ڪرڻ بجاءِ ايف پي بند جي تفريح ڪرڻ بعد واپس روانو ٿي ويو .ھوڏانهن ٻوڏ متاثرن ڳوٺاڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو آھي ته گاج بند ٽٽل تير ڀت جا لڳل سوين فٽ کنڊ نه ٻڌجڻ ڪري ڪاڇو سداين نئن گاج جي قيامت خيز ٻوڏ جي منهن ۾ هجڻ سبب  تباهه ٿي ويو آھي.

ڪاڇو ، نئين گاج ۽ ٻوڏ جو اهڙو ته تعلق آهي جنهن جو محور ۽ مرڪز وري ضلعي جا ڳوٺ ۽ شهر آهن  ۽ صوبائي حڪومت جي نااهلي آهي جو  هرسال سانوڻيءَ جو وسڪارو ٿيندو آهي ۽ هرسال نئين گاج پلٽجندي آهي ۽ ڪاڇو ٻڌي ويندو آهي، پر ان مسئلي جو ڪو مستقل حل نه نڪتو آهي. هاڻي اها ڪاڇي واسين جي قسمت ٿي وئي آهي، جنهن کي تبديل ڪرڻ يا سڌارڻ وارو ڪوبه نه آهي.

دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي ڪنهن به علائقي ۾ جڏهن به ۽ جهڙي نموني جي به ڪا قدرتي آفت ايندي آهي ته انهن علائقن جي مقامي انتظاميه ترت واقعي واري هنڌ پهچي ان جو تدارڪ ڪرڻ شروع ڪندي آهي جڏهن ته مرڪزي حڪومت مقامي حڪومت جي مدد لاءِ جهڙوڪر رستي ۾ هوندي آهي ۽ ڪجهه ئي ڪلاڪن بعد مقامي انتظاميه کي مرڪزي حڪومت جي مدد به اچي ملندي آهي، جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ هر سال ساڳئي ئي قسم جي قدرتي آفت ايندي آهي ته ان صورت ۾ ان بحران يا آفت جو مستقل حل ڳوليو ويندو آهي.

سنڌ ڪيترن ئي حوالن سان بدنصيب آهي جنهن ۾ هڪڙو حوالو ان جي مقامي انتظاميه جي نااهل هجڻ جو به آهي، پر هتي سنڌ جي مجموعي حڪومتي نااهليءَ جو ذڪر نه ڪرڻ به مناسب نه ٿيندو. ڪاڇي جي موجوده صورتحال ۾ جڏهن حيدرآباد جو ڪمشنر نئن گاج جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي پهچي ٿو ته کيس ڪنهن به صورت ۾  سواءِ ڪنهن امدادي ڪم شروع ڪرڻ جي واپس وڃڻ نه گهرجي ها پر ان موقعي تي هُن کي اهو گهرجي ها ته هو ڪيمپ آفيس قائم ڪري سنڌ حڪومت کان هرقسم جي امداد طلب ڪري ها، پر هُن ائين نه ڪيو ۽  پويان ڪاڇو ٻڏندو رهيو.

هن موقعي تي ڪاڇي جي چونڊيل نمائندن جي بي حسي پڻ نندڻ جهڙي آهي، سوشل ميڊيا تي عوام جون اڻ ڳڻيون وڊيو ڪلپس جن ۾ عوام جي تڪليف ڏسي سگهجي ٿي، انهن باوجود ڪو به چونڊيل نمائندو ڪاڇي جي متاثرن وٽ نه پهتو آهي، ضلعي انتظاميه نه پهتي آهي ۽ سنڌ حڪومت نه پهتي آهي، ته اهڙي صورتحال ۾ ڪاڇي جو عوام آخر ڪار ڪنهن کان مدد طلب ڪري.

اسان هن موقعي ته ڪاڇي جي عوام کي انتهائي تڪليف واري صورتحال ۾ اڪيلو ڇڏڻ تي  ضلعي انتظاميا سميت سنڌ حڪومت جي بي ڌيانيءَ جي نندا ڪيون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪيون ته فوري طور تي ڪاڇي جي  عوام جي هر ممڪن مدد لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.

ٻيو ته  سانوڻيءَ جي پهرين وسڪاري سبب ڪاڇي جي عوام جو ضلعي سان ۽ دادو شهر سان جيڪو زميني سلسلو ٽُٽي پيو، ان کي بحال ڪرائن جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي، پلين کي جيڪو نقصان پهتو آهي، انهن کي تعمير ڪرايو وڃي، روڊ ۽ رستا صاف ڪرايا وڃن ۽ انهن جي مرمت ڪرائي وڃي، اسان هن موقعي تي سنڌ حڪومت کي اها ڳالهه زور ڏئي چونداسين ته ڪاڇي ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ساوڻيءَ جي مند اچڻ سان ٻوڏ جي صورت ۾ جيڪا تباهي ايندي رهي آهي، ان جو اڀياس ڪرائي انهن مسئلن جو حل مستقل بنيادن تي ڪيو وڃي، ۽ ڪاڇي جي عوام جي نمائندن کي پڻ اها گذارش آهي ته پنهنجي عوام جي واهر ڪن، ائين نه ٿئي جو عوام اوهان مان هٿ ڪڍي ڇڏي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.