ڪشمير ۾ ٿيندڙ چونڊ ۽ روايتي نتيجن جي تاريخ

تحرير: حاڪم نصيراڻي

ڪشمير جو نالو زبان تي ايندي ئي ڀارتي فوج جي بربريت، مظلوم ڪشميري عورتن ٻارن جون رڙيون، جوانن جا رت ۾ رنڱيل لاش ۽ ڀارتي جيلن ۾ حقن جي ڳالھه  ڪندڙ ضمير جي قيدين جي قيد جو عڪس نظرن آڏو تري اچي ٿو، نه صرف اهو پر وادي ڪشمير کي زمين جي جنت به سڏيو وڃي ٿو جنت جي خوبصورتي ڇا ٿيندي آھي ان جو اندازو ڪشمير جي دلڪش فطري نظارن کي پسي لڳائي سگهجي ٿو ۔ پوري وادي جا پهاڙ ۽ چراه گاهون سائي ساڙھي پائي من کي لڀائن ٿيون۔ ڪشمير جي سونهن جي جيتري واکاڻ ڪجي گهٽ آھي پنهنجو موضوع ڪشمير جي سونهن نه پر  ڪشمير جي چونڊ آھي ۔

جيئن اوهان ڏسو پيا ڪجھه  ڏينهن کان وٺي جنت جو ماحول سياسي طور تي گرم بڻيل آھي۔ پ پ پ نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ جا اڳواڻ هڪ تي الزامن جا اهڙا ته گولا وسائن پيا جو زميني جنت جنگ جي ميدان جو ڏيک ڏئي. نواز ليگ جو صدر شھباز شريف ڪشمير ۾ اچي باقائدي پنهنجي اميدوارن جي اليڪشن مهم شروع ڪئي پر ٿوري وقت ۾ پنجاب جي ننڍي چونڊن ۾ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري سيٽون کٽندڙ پنهنجي پياري ڀائٽي سياسي طور نواز شريف جي سياسي جان نشين مريم نواز حوالي ڪئي ۽ پاڻ اتان هليو ويو۔

مريم نواز ڪشمير جي نياڻي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ کڻي ميدان ۾ لٿي۔ مائي سائنڻ جوش خطابت سان پنڊال جي ماحول کي گرمائڻ جو فن ڄاڻي ٿي ان ڪري سندن تقرير ٻڌڻ لاءِ  ماڻھن جو هجوم گڏ ٿي ويندو آھي۔مريم نواز هر جاءِ تي پاڻ سان ٿيندڙ سياسي ظلم، ناانصافين ۽ ن ليگ جي دور ۾ ٿيل ترقياتي ڪمن جي ساراهه ڪندي نظر اچي ٿي ۽ ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلم جي ڇوٽڪاري جو وسيلو صرف پنهنجي والد محترم نواز شريف کي سمجهي ٿي۔ نوجوانن کان واعدا وٺندي به نظر اچي ٿي ته ن ليگ کي ووٽ ڏيڻ سان گڏ ان ووٽ جي حفاظت به ڪرڻي آھي.

ٻي پاسي بلاول ڀٽي زرداري به خوب نعرا لڳرايا جوشيلا خطاب ڪري پ پ پ کي ڪشمير جي وارث پارٽي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي۔ اوچتو  چونڊن جي رچيل راند اڌ ۾ ڇڏي بقول سرڪاري وزيرن مشيرن جي بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سي وي کڻي امريڪا روانو ٿي ويو( پ پ پ وارن جو چوڻ آھي ته بلاول صاحب يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ ويو آھي)۔ اليڪشن جي رهيل مهم سندس ننڍي ڀيڻ آصفه حوالي ڪئي وئي آھي۔ آصفه به جيئي ڀٽو جا خوب نعرا هڻائي ڀٽو کي ڪشميرين جي دل ۾ زنده رکڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي۔ علي امين گنڊا پور ۽ مراد سعيد جي تقريرن جو ذڪر ڪرڻ مناسب نه ٿو سمجهان۔ ڇو ته اهي ٻئي اڳواڻ اخلاقيات جي وڏي درجي تي پهتل آھن سو منهنجي لفظن جي اها اهميت ناهي جيڪي سندن شخصيت سان ٺھڪن پر اليڪشن ڪميشن علي امين گنڊاپور جي سحر انگيز مقناطيسي شخصيت جي مٺڙي ٻولي کي ڏسي مٿس ڪشمير مان نڪري وڃڻ جو حڪم صادر ڪري چڪي آھي. اليڪشن ڪميشن جو اهو حڪم تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لاءِ  ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي جيڪو کيس مليو۔

ڪشمير جي چونڊ ۾ پنهنجي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ  پاڪستان جو وزيراعظم عمران خان بذات خود ڪشمير اچي چونڊ مهم هلائڻ ۾ مصروف ٿي ويو۔ اوهان کي ياد هجي يا نه هجي ته ڪجھه  ڏينهن اڳ ڪشمير اليڪشن بابت صحافي جي پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري صاحب چيو هو ته “اهو ٿيندو جيڪو اڳ ٿيندو رهيو آھي“۔ ظاهري طور تي ڏسجي ته آصف زرداريءَ صحافي جي سوال کي ٽاري ڇڏيو پر حقيقت ۾ انهن لفظن ۾ تاريخي جواب سمايل آھي۔ زرداري صاحب اهو جواب ائين مرڪي ٻين کي کلائڻ لاءِ  نه ڏنو پر هڪ اهڙي حقيقت بيان ڪئي جنهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي۔ اهو ٿيندو جيڪو اڳ ٿيندو رهيو آھي هي هيو زرداري صاحب جو جواب جنهن اتي موجود ماڻھن کي کلايو.

ڏسون ته ڪشمير ۾ اڳ ڇا ٿيندو رهيو آھي جيڪو هاڻي به ساڳيو ٿيندو۔ ان پرولي جي ڀڃڻي کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪنداسين پر ان کان اڳ مان اوهان سان ڪجھه  ڄاڻ جي ونڊ ڪرڻ چاهيان ٿو۔ اها ڄاڻ اها آھي ته 25 جولاءِ تي ڪشمير جي 45 سيٽن تي اليڪشن ٿيندي جنهن مان 33 سيٽون اهڙيون آھن جن جا ووٽر ڪشمير ۾ موجود آھن۔ 33 سيٽن تي سوا ست سئو جي لڳ ڀڳ اميدوار ٽيھن لکن کان وڌيڪ ووٽرز جي ڏنل ووٽن تي پنهنجي قسمت آزمائي ڪري رهيا آھن۔ باقي مهاجرين جي 12 سيٽن جا ووٽر پوري پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آھن۔ پاڪستان ۾ موجود ڪشميري ووٽرز جو تعداد ساڍا چار لک کان ٿورو گهٽ آهي ۽ انهن سيٽن کي حاصل ڪرڻ لاءِ  مختلف پارٽين جي اميدوارن سان گڏ ڪجھه  آزاد اميدوار به ميدان ۾ لٿل  آهن، اهڙن اميدوارن جو تعداد اٽڪل 122 آھي۔ هتان جا ووٽرز الله جي حوالي هوندا آھن ۽ پناهه گيرن جون اهي سيٽون پاڪستاني حڪومت جي حمايت يافته اميدوارن جي حصي ۾ اينديون رهيون آھن ڇو ته انهن ووٽرز لاءِ  ڪو جوڳو انتظام ناهي هوندو مختلف شھرن مان ميڙ چونڊ ڪري ووٽ ڪاسٽ ڪرائي اميدوار ڪامياب ٿي وڃن ٿا۔

آزاد ڪشمير جي سياست تي نظر رکندڙ ماڻھن کي اها خبر آھي ته ڪشميري اڳواڻ پاڪستان ۾ تبديل ٿيندڙ حڪومت سان پنهنجيون وفاداريون به تبديل ڪندا آھن۔حڪومتي مزا ماڻڻ جي چڪر ۾ پنهنجي ضمير جي نيلاميءَ لاءِ  بازار سجائيندا آھن۔هن دفعي آزاد ڪشمير جي چونڊ پاڪ فوج جي نگراني ۾ ٿيڻ جو اعلان ٿي چڪو آھي ان کان اڳ اليڪشن جي نگراني ڪشميري پوليس ڪندي هئي۔ مون ڳالھه  پئي ڪئي ته آصف زرداريءَ جنهن صحافي کي چيو هو ته  اهو ئي ٿيندو جيڪو ٿيندو رهيو آھي ڏٺو وڃي ته اڳ اهو ٿيندو هو ته جنهن به پارٽي جي حڪومت  پاڪستان ۾ ھوندي آھي ان جي ئي حڪومت ڪشمير ۾ ٺھندي آھي۔ هاڻي ڏسجي ته تاريخ پاڻ کي ورجائي ٿي يا نئين تاريخ رقم ٿيڻ پئي وڃي۔.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.