ڪورونا ايس او پيز حڪمرانن ۽ سياسي مذهبي جماعتن جي جلسن ريلين تي ڇو لاڳو ناهن؟

تحرير: زرار پيرزادو

¨ ڪورونا وبا جي چوٿين لهر کي ڏسندي حڪومت  وري احتياطي اپائن تحت عيدالضحيٰ جي موقعي تي ايس او پيز کي سخت ڪري ڇڏيو آهي.

¨ هن مهيني جي 14 جولاءِ تي سنڌ سرڪار ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ اسڪول، سينيما گهر، واٽر پارڪ، ۽ ٻين تفريحي هنڌن ڏانهن وڃڻ تي بندش لڳائڻ جو فيصلو ڪيو.

¨ اها حڪومتي مهم به هلائي پئي وڃي ته عيد اهڙي نموني ملهايو جو ڪورونا وبا نه پکڙجي سگهي. جانورن جي آن لائين خريداري کي اوليت ڏيو. مال پڙي ۾ واپاري ۽ خريدار ايس او پيز تي عمل ڪن. مال پڙي ۾ دستانا ۽ ماسڪ پايو، ٻين کان مناسب فاصلو اختيار ڪيو، رڳو انهن واپاري ماڻهن کي جانورن جا اسٽال لڳائڻ جي اجازت آهي جن ڪورونا ويڪسين لڳرائي آهي.

¨ ويڪسين لڳرائڻ کي لازمي ۽ يقيني بڻائڻ لاءِ به حڪومت جيڪي سخت فيصلا ڪري رهي آهي ته جن جي ويڪسين نه ٿيل هوندي تن کي وڏن ميڙاڪن ۾ وڃڻ يا سفر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، تن کي به اسان برابر ساراهه جوڳو عمل سمجهون ٿا.

¨ گذريل رمضان جي عيد جي موقعي تي پڻ اهڙي سختي ڪئي وئي هئي ۽ عيد جي خريداري جي موقعن تي ڪاروبار بند رکڻ ڪري واپارين ۽ دڪاندارن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو هو. انٽرسٽي ٽرانسپورٽ به بند ڪئي وئي هئي.

¨ پوءِ به حڪمرانن توڙي اسان جو به اهوئي خيال آهي ته عوام ڪورونا جي وبا کي سنجيده نٿو وٺي ۽ سرڪاري اپائن تي ان ريت عمل نٿوڪري جيڪو ان کي ڪرڻ گهرجي.

¨ اسان جيتوڻيڪ ڪورونا وائرس جي موقعي تي حڪومتي اپائن کي درست به سمجهون ٿا، عوام کي اشتهارن ذريعي جاڳرتا ڏيڻ واري مهم کي به وقائتو عمل سمجهون ٿا ۽ عوام تي ئي زور ڀريندا رهيا آهيون ته ٻيلي سنجيده ٿيو.

¨ پر اسان وٽ جيئن ته گڊ گورننس ناهي هوندي، لاقانونيت عام آهي تنهن کي ڪورونا وائرس کي روڪڻ لاءِ حڪومتون جيڪي به اپاءَ وٺن ٿيون يا اعلان ڪن ٿيون تن کي عوام به سنجيده نٿو وٺي ۽ نه ئي مقامي اختياريون سختي سان انهن تي عمل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهنديون آهن. جنهن جا ٻيا به ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا.

¨ پر عام تاثر اهو به آهي ته اهو سڀ ڪجهه ”پريشان عوام“ کي ويتر پريشان ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. اهو تاثر ڇو جڙيل آهي ان جا به ڪيترائي سبب آهن.

¨ پر پنهنجو خيال اهو به آهي ته هڪ پاسي ته عوام تي سختي ڪئي پئي وڃي پر ٻئي پاسي حڪمران يا ٻيون سياسي جماعتون پاڻ سياسي جلسا، ريليون، احتجاجي ميڙاڪا ۽ مظاهرا جتي ڪٿي معمول موجب ڪنديون وتن ٿيون ان وقت کين ڪورونا وائرس ۽ ايس او پيز جو بلڪل به خيال ناهي ايندو.

¨ اصولي طور تي حڪومت، سياسي توڙي مذهبي جماعتن ۽ اختيارين کي پاڻ رول ماڊل ٿي انهن ڳالهين جو اول خيال ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اهي پاڻ ڪورونا وائرس ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪنديون ته پوءِ عوام اهو سوچڻ تي ڇو نه حق بجانب هوندو ته اهو سڀ ڪجهه صرف ۽ صرف”غريب عوام“ کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪجي ٿو.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته هڪ پاسي  عوام کي عيد جي موقعي تي  گهرن تائين محدود رهڻ ۽ ماڻهن سان وٿي اختيار ڪرڻ جون صلاحون ڏنيون پيون وڃن ٻئي پاسي 25 جولاءِ کان ڪشمير ۾ ٿيندڙ چونڊن لاءِ حڪمران جماعت سميت سڀ سياسي ڌريون ڌڙا ڌڙا وڏا وڏا عوامي جلسا ڪري رهيون آهن ڇا انهن جلسن ۾ شريڪ ٿيندڙ عوام جي ويڪسين ٿيل آهي، ڇا اتي ايس او پيز جو خيال ڪيو وڃي ٿو جيڪڏهن نه ته ڇا ڪشمير ۾ ٿيندڙ چونڊ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر سبب ملتوي نٿي ڪري سگهجي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.