افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽڪراءُ آخر ڪٿي دنگ ٿيندو؟

تحرير:گل مورو

افغانستان جو تاريخي پسمنظر ڏٺو وڃي ته هميشه ماضي بعيد کان وٺي عالمي سامراج جي جنگين ۽ مداخلتن جو مهور رهيو آهي. افغانستان جي سياست به عجيب غريب رهي آهي جو هميشه پاڙيسري ملڪن ۽ پنهنجن ماڻهن کي عالمي سامراج جي چوڻ تي نشانو بڻائيندي رهي آهي. افغان جي پهرين سربراهه ولي خان جي وقت ۾ ڪجهه ٺاپر هئي پر ان کان پوءِ جڏهن شاهه شجاع جو دور آيو ته ان عرصي ۾ پنجابي پختون اتحاد شاهه شجاع ۽ رنجيت سنگهه جي روپ ۾ جڙيو هو جنهن سڄي ايشيا کي تاراج بڻائي ڇڏيو هو. انهيءَ دور ۾ شاهه شجاع ۽ رنجيت سنگهه جي وچ ۾ جرنل آڪلينڊ معاهدو ڪرايو هو ان معاهدي تحت ٻنهي وچ ۾ اهو طئي ٿيو هو ته ڪهڙي به صورت ۾ سنڌ کي فتح ڪرڻو آهي ۽ انهيءَ عرصي کان اڳ  شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو دور به گذريو هو جنهن انهي حالتن جي پس منظر ۾ اڳواٽ ئي ڌرتي ڌڻين کي اهو پيغام ڏئي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ بعد ۾ ته اها چوڻي به مشهور ٿي  ته؛ (جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي ڪنڌارئون جوکو).

انهيءَ صورت ۾ ڏٺو وڃي ته هن وقت افغانستان مان آمريڪي فوج جي نڪري وڃڻ کان پوءِ ٻين پاڙيسري ملڪن کي به خدشا نظر اچي رهيا آهن پر گهڻي کان گهڻو خطرو انهن جنگي حالتن جو پاڪستان ۾ موجود سنڌ کي اچي رهيو آهي ڇو ته گذريل سوويت افغان جنگ دوران لکين افغاني پٺاڻن کي وانا وزيرستان ۽ لاهور جي گهٽين مان ڊوڙائي ائين سنڌ جو رخ ڪرايو ويو هو جيئن ماضي ۾ ورهاڱي دوران يوپي ۽ سي پي جي پناهه گيرن کي آباد ڪري سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ۽ انهن جي وسيلن تي قبضي ڪرڻ جي نيت سان اهو سڄو منصوبو جوڙيو ويو هو.

هن وقت ڏٺو وڃي ته افغانستان کي ستن ملڪن جون سرحدون لڳن ٿيون جن ۾ چين، ڀارت، ايران، تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمانستان ۽ پاڪستان موجود آهن. هن گهرو ويڙهه شروع ٿيڻ کان اڳي ئي سمورن ملڪن پنهنجون حڪمت عمليون پنهنجون پاليسيون بهترين عمل ذريعي جوڙي ڇڏيون آهن ته ڪنهن به افغاني پناهه گير کي هتي آباد ڪرڻ لاءِ پناهه نه ڏني ويندي.

افغانستان جي جاگرافيائي صورتحال ڏٺي وڃي ته افغانستان اندر 52 سيڪرڙو پختون، 27 سيڪڙو تاجڪ، 5 سيڪڙو ازبڪ ۽ ٻئي طرف فارسي، بلوچ، سک، هزاره ڪميونٽي شامل آهن. اهو به واضح رهي ته هلاڪو خان ۽ چنگيز خان جو تعلق به منگول قوم سان هو ۽ اهي ٻئي ڄڻا هزاره ڪميونٽي سان تعلق رکن ٿا. هن وقت افغانستان جي صورتحال انتهائي ڳنڀير نظر اچي پئي.

افغانستان مان آمريڪي فوجون نڪرڻ کان پوءِ عجيب جادوئي اثرات ٿيندا پيا وڃن جن ۾ هن وقت تائين دوحا جي ناڪام ڳالهين کان پوءِ ايران اندر ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڳالهيون نه ٿيڻ ۽ پاڪستان اندر امن ڪانفرنس جو ملتوي ٿيڻ ۽ ٻئي طرف پاڪستان اندر جنازن، جلوسن ۾ طالبان جهنڊا لهرائڻ ۽ تازو افغاني سفير جي وفاقي راڄڌاني مان ڌيءَ جو اغوا ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان مان هنگامي طور تي افغاني سرڪار پاران سفارتخانو بند ڪرڻ ۽ پنهنجي سفير سميت سموري عملي کي واپس گهرائڻ ان سان گڏ داسو ڊيم ڀرسان چيني انجنيئرن مٿان حملو ٿيڻ ۽ حادثي ٿيڻ کان پوءِ اها صورتحال واضح ڪري ٿي ته هن جنگ جا اثر هاڻ کان ئي پاڪستان اندر شروع ٿي چڪا آهن. جڏهن ته ملڪي سرڪار روزانو خبر ناهي ته ڪهڙي روپ ۽ رنگ ۾ پنهنجون پاليسيون جن جو تعلق نه عوام سان آهي نه وري ملڪي حالتن سان آهي نه وري ملڪي حالتن جو ڪو ادراڪ ڪيو وڃي ٿو انهيءَ صورتحال ۾ ائين پيو لڳي ته هيءَ افغانستان اندر جيڪا پنجين ويڙهه وڙهي پئي وڃي ان جا اثر گهڻي کان گهڻا پاڪستان تي پئجي سگهن ٿا ۽ اهي اثر اهي حالتون نظر اچن پيون.

ان سان گڏ ڳالهه اها ڪئي پئي وڃي ته عمران خان آمريڪا کي اڏا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ان جي جواب ۾ آمريڪي ڄائي وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار معيد يوسف پنهنجي انٽرويو ۾ واضح طور اهو چيو ته آمريڪا اسان کان ڪي به اڏا ناهن گهريا اهو سراسر ڪوڙ آهي جڏهن ته پرويز مشرف جي دور يعني 2002 ۾ آمريڪا کي زميني ۽ فضائي روٽ گوادر کان ڏنو ويو هو جيڪو هن وقت به سندن حوالي آهي.

سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ملڪي سرڪار آمريڪا سان واقعي مهاڏو اٽڪائڻ چاهي ٿي ته پوءِ پهريان اهو زميني ۽ فضائي رستو بند ڪرڻو پوندو. پر ايڏي جرئت پاڪستاني ڪنهن به حڪمران ۾ ناهي رهي ان منصوبي تحت آمريڪا افغانستان تي نظر رکڻ لاءِ پنهنجو سامان ٻين مختلف ملڪن ۾ منتقل ڪرڻ سان گڏ پنهنجون پاليسيون به جوڙي ڇڏيون آهن جڏهن ته روس جي صدر پيوٽن آمريڪا کي اڏا ڏيڻ جي آڇ سان گڏ اها به پيشڪش ڪئي آهي ته هو کيس تاجڪستان ۽ ڪرغستان ۾ اڏا ڏيڻ لاءِ راضي آهي. آمريڪا في الحال روس جي فوجي اڏا ڏيڻ واري آڇ تي ڪو به ٺوس جواب ناهي ڏنو ان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته عالمي قوتون ڪنهن به صورت ۾ طالباني حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ٻئي طرف ترڪي کي افغانستان ۾ نيون ذميواريون ملڻ سان اها ڳالهه واضح ٿئي ته آمريڪا هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ڪرڻ چاهي ٿو جو صدر طيب اردگان ترڪي کي ايترو ته اڳتي وٺي ويو آهي جو خليج اندر سمورن عرب ملڪن جي چڱ مڙسي جا خواب ڏسي رهيو آهي ان کي روڪڻ لاءِ افغانستان ۾ لاهي اتي ئي ان کي شڪار ڪرڻ چاهي ٿو ڇو ته طالبان چئي چڪا آهن ته ڪنهن به صورت ۾ ترڪي کي افغانستان جي مسئلن ۾ ٽنگ نه اڻائڻ گهرجي ۽ آمريڪي پچ تي نه کيڏي. اهڙي ريت ٻيا ملڪ به افغانستان ۾ پنهنجون پنهنجون پاليسيون جوڙيندي نظر اچي رهيا آهن.

ڀارت به انهيءَ نظر ۾ طالبان سان ڳجهي ريت معاملا طئي ڪري رهيو آهي ان ڪري جو ڀارت جي افغانستان ۾ وڏي ۾ وڏي سيڙپڪاري ٿيل آهي اصل ۾ هن جنگ سبب پاڪستان جي سي پيڪ منصوبي جي رستا روڪ ڪرڻ سان گڏ چين جو اثر رسوخ گهٽائڻ لاءِ سامراجي قوتن پنهنجو منصوبو جوڙيو آهي انهيءَ صورتحال ۾ جيڪڏهن وڌيڪ جنگ ڇڙي ٿي ته ان جا اثر گهرو ويڙهه جي صورت ۾ گهڻي کان گهڻا پاڪستان تي ئي پوڻا آهن. سو ڏسجي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جيڪو هن وقت ٽڪراءُ نظر اچي پيو ان جو خاتمو ۽ ان متعلق ڳالهيون ٿين ٿيون يا نه.؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.