ڏاهيون ڏک ڏسن

تحرير: مقبول ملاح

ھڪ چوڻي آھي تھ ”مرد پڙھيو، فرد پڙھيو، عورت پڙھي تھ پورو گھر پڙھيو“، ان چوڻي جي پٺيان لڳندي عورت تھ پڙھي آھي، پر اسان جو معاشرو اڻ پڙھيل رهجي ويو آھي، نتيجن اسان جون نياڻيون نھ تعليمي ادارن ۾ محفوظ آھن، نھ روڊن تي،  ھاڻي تھ اهي پنھنجن گھرن ۾ بھ محفوظ نھ رھيون آھن، ڪڏھن غيرت جي نالي تي ڪاري ڪري ماريون وڃن ٿيون تھ ڪڏھن مڙس ھٿان بيدردي سان قتل ٿين ٿيون. معاشري جي اڻپڙھيل ھجڻ جو ثبوت ان مان لڳائي سگھجي ٿو تھ ھڪ پڙھيل لکيل عورت کي اڪيلو ڏسندي لاھور سيالڪوٽ روڊ تي پنھنجن ئي ٻارن جي سامھون اجتماعي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، ھر روز ڪٿي نھ ڪٿي غيرت جي نالي تي حوا جي ڄائي قتل ٿئي ٿي،  ان کان وڌيڪ اڻپڙھيل معاشرو ڪھڙو ھوندو، جتي ھڪ سال جي ٻارڙي کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو وڃي ٿو.

لاڪ ڊائون دوران مرد وڏو عرصو پنھنجي گھرن ۾ گذارين ٿا، جيتوڻيڪ ٿيڻ اھو گھربو ھو تھ گھر ۾ رھڻ دوران ھو پنھنجن ٻچن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏين ھا ۽ گھر جي عورتن کي وڌيڪ وقت ڏئي پنھنجي گھر جي ماحول کي وڌيڪ خوشگوار بڻائين ھا، پر نتيجا ان جي ابتڙ نڪتا.

ڪجھھ ڏينھن اڳ ايڇ آر سي پي سنڌ چيپٽر حيدرآباد پريس ڪلب ۾ 2020 جي رپورٽ پيش ڪئي، رپورٽ ۾ خبر پئي تھ لاڪ ڊائون دوران سڀ کان وڌيڪ متاثر عورتون ٿيون آھن، گھرو تشدد جي واقعن ۾ اضافو ٿيو، عورتن ۽ ٻارڙن سان جنسي زيادتي توڙي غيرت جي نالي تي عورتن جي قتل جا واقعا وڌيا. رپورٽ موجب سال 2020 ۾ پاڪستان ۾ 430 ماڻھو غيرت جي نالي تي قتل ٿيا، جنھن ۾ 363 عورتون ھيون، جڏھن تھ 2960 معصوم ٻارڙن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جھالت ان مان نظر اچي ٿي تھ اڪثر ٻارڙن کي جنسي زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو وڃي ٿو.

اسان جي معاشري ۾ مرد کي ڳالھائڻ ۽ عورتن کي خاموش رھڻ جو سبق ڏنو وڃي ٿو، خاموشي واري ان سبق جو کاڄ حيدرآباد جي ھڪ عورت ٿي، 10 سالن تائين خاموش رھندي ڪيترائي دفعا تشدد جو نشانو بڻجندڙ چئن ٻارن جي ماءُ قرت العين کي پنھنجي ئي مڙس عمر ميمڻ سخت تشدد ڪرڻ کانپوءِ گوليون ھڻي بي درديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، ٻڌايو  پيو وڃي تھ 5 ڪلاڪن تائين عمر پنھنجي زال کي تشدد جو نشانو بڻايو. قرت العين عرف عيني ھڪ پڙھيل لکيل عورت ھئي، ھن ايم بي اي ڪئي ھئي، شادي جي 10 سالن جي عرصي اندر عيني جو گھر ھن لاءِ ٽارچر سيل بڻيل رھيو،  مڙس تشدد ڪندي ڪيترائي دفعا کيس گھران بھ ڪڍي ڇڏيو، پر والدين طرفان کيس ملندڙ خاموشي واري سبق ۽ پنھنجن ٻارڙن جي مستقبل کي ڏسندي ھر بار ھوءَ واپس پئي وئي، ھن نھ پئي چاھيو تھ ھوءَ پنھنجن ٻارڙن کي ڪنھن درندي جي ھٿن ۾ پالڻ لاءِ ڏئي، پر ان درندي عيني کي گولين جو کاڄ بڻائيندي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. قاتل عمر ميمڻ جا ڪيترائي وڊيو سامھون آيا آھن، ھو اڪثر عيني کي گھر مان ڪڍي پنھنجي گھر ۾ دوستن سان گڏ شراب پي، نشي ۾ ڌت ٿي نچندي نظر آيو آھي ۽ اھي وڊيو ٺاھي ھو پنھنجي گھر واري ڏي موڪليندو ھيو، ھن وقت عينيءَ جو قاتل مڙس گرفتار آھي، پر اسان جي پوليس، ان جي جاچ جي طريقي توڙي قانون مان ڪنھن چڱائي جي اميد نھ ٿي رکي سگھجي.

18 ترميم کانپوءِ سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي ٻين صوبن جي اسيمبلين مان سڀ کان وڌيڪ قانونسازي ڪندڙ اسيمبلي آھي،  جيتوڻيڪ عورتن جي حقن بابت ڪيترائي قانون پاس ٿيل آھن، پر ان تي عمل نھ ٿو ٿئي، بلڪھ قانون صرف نالي ۾ پاس ٿين ٿا، انھن قانونن بابت ماڻھن کي ڄاڻ ئي ناھي،  پر اڪثر ڏٺو اھو ويو آھي تھ اسيمبلي ۾ ويٺل، جيڪي قانونسازي ڪن ٿا، اھي ئي قانون جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا،

اھڙن ڪيسن ۾ اڪثر ادارا مقتول جي وارثن تي دٻاءُ وجھي صلح ڪرائيندا آھن ۽ عيني جي وارثن تي بھ دٻاءُ پئجي سگھجي ٿو، پر حيدرآباد جي سول سوسائٽي عيني جي وارثن سان گڏ آھي، گذريل ڏينھن قاسم آباد جي مين چوڪ تي عيني جو تڏو وڇايو ويو، ان کان علاوهحيدرآباد پريس ڪلب سامھون سوين عورتن ۽ ٻارڙن عيني جي قاتل مڙس کي سزا ڏيارڻ لاءِ احتجاجي مارچ ڪيو. ھن احتجاج ۾ نھ صرف عورتون، مرد پر معصوم ٻارڙا بھ شامل ھئا، جيڪي ان ڪري روڊن تي نڪتا آھن تھ ھو قاتل کي سزا ڏيارين.

اھڙن ڪيسن ۾ ڏٺو اھو ويندو آھي تھ جاچ ۾ ھٿ وٺي دير ڪئي ويندي آھي ۽ جڏھن معاملو ٿڌو ٿي ويندو آھي تھ سڀ ڪو خاموش ٿي ويندو آھي، نتيجن وارث صلح طرف ويندا آھن. ھي ڪو پھريون واقعو ڪونھي، اھڙا ڪيترائي واقعا آھن، جنھن ۾ سوشل ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ عورتن جي حقن جي ڳالھھ ڪندڙ سراپا احتجاج ھوندا آھن،  فوري نتيجو چاھيندا آھن، پر پوليس جاچ جي نالي تي ڪيس کي وڌيڪ ڊگھو ڪندي آھي، وري سوشل ميڊيا توڙي سول سوسائٽي کي نئون اشو ملي ويندو  آھي ۽ عيني جھڙا ڪيترائي ڪيس لڙھي ويندا آھن.

تنھن ڪري اسان کي چوڻين کي بھ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آھي، اچو تھ عورت کي پڙھائي گھر پڙھائڻ سان گڏ مرد کي پڙھائي معاشري کي بھ سڌاريون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.