افغانين کي خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان سرحد تي روڪيو وڃي: سنڌ ايڪشن ڪاميٽي

ڄامشورو(رپورٽ: صدر جوڻيجو) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو سربراھي اجلاس جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو  ۾  سيد جلال محمود شاهه جي  صدارت ھيٺ  ٿي گذريو. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر قانوندان ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانديو، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي نائب صدر نور نبي راھوجو، جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين اسلم خيرپوري، پورھيت مزاحمت جي صدر  مسرور شاھ، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ھالار رتڙ، سنڌي ادبي سنگت اڳواڻ نعيم ملڪ، روشن ٻرڙو، نور احمد ڪاتيار، محمد آدم ٻٽ،  تاج جويو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾  بحريا ٽائون  ۽ ميگا پروجيڪٽس ذريعي سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي عوامي رابطا مھم جي جدوجھد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو،جنھن ۾ ھڪ دفعو ٻيھر سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل اڳواڻن انھيءَ ڳالھہ تي اتفاق ڪيو تہ ھي جدوجھد تيسين تائين جاري رھندي جيستائين سپريم ڪورٽ جي ڪيل فيصلي تحت بحريا انتظاميا جي  قبضي ھيٺ ڪيل ھزارين ايڪڙ زمين جي ڊماڪيشن ڪرائي کين پابند نٿو ڪيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت قديمي ڳوٺن کي ڊاھڻ جو سلسلو بند ڪري سنڌ جي عوام کان معافي نٿي ورتي وڃي تسيتائين سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي، زرداري سرڪار خلاف جدوجھد جاري رھندي. اجلاس ۾ سنڌ جي سينئير سياستدان ۽ قومپرست اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعلى ۽ گورنر ممتاز علي ڀٽو جو وڇوڙو سنڌ سميت سڄي ملڪ لاءِ ڏکوئيندڙ واقعو قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته ممتاز علي ڀٽي جو وڇوڙو سنڌ جو قومي نقصان آھي، اسان سندس وارثن سان ھن ڏک جي گھڙي ۾ برابر جا شريڪ آھيون. اجلاس ۾ سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي ۽ سنڌ جي نوجوان وڪيلن کي ساراھيو ويو جيڪي بحريا ڪيس جي جدوجھد ۾ قيد اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قانوني  پيرووي ڪرڻ لاءِ ترجيحات جي بنياد تي پنھنجون خدمتون ڏيئي رھيا آھن. سنڌ ايڪشن ڪميٽي عدالتن مٿان اعتماد ڪندي انھيءَ ڳالھہ جو اظھار ڪيو تہ سنڌ جي اعوام کي عدالتن مان انصاف جي اميد آھي جيڪي سنڌ حڪومت ۽ بحريا انتظاميا طرفان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان جي پرامن جمھوري جدوجھد کي ھراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، اميد ڪريون ٿا تہ گرفتار ٿيل بيگناهه قيدي جلد آزاد ٿي ويندا.  اجلاس کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران اڳواڻن جو چوڻ هو ته بحريا ڪيس ۾ گرفتار ٿيل قيدين جيڪي ضمانتي مچلڪا نه ڏيئي سگھيا آھن انھن قيدين کي ضمانتون ڏيئي آزاد ڪرائينداسين ۽ انھن جي مڪمل مالڪي ڪنداسين ۽ بيروزگار نوجوانن کي ڪراچي ۾ روزگار ڏيارڻ لاءِ پڻ ڪوششون وٺندا سين. ان موقعي تي سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي  انھي ڳالهه جو پڪو پھُ ڪيو آھي ته سنڌ ۾ زرداري سرڪار جيڪا خوف جي علامت بڻيل آھي ۽ ڪرپشن ، خراب حڪمراني جي ذريعي سنڌ کي تباھہ ڪندي رھي آھي انھي سرڪار کي جدوجھد ذريعي نڪ ۾ ناڪيلي وجھي عوام اڳيان سندن ظلم ۽ ناانصافين کي پڌرو ڪنداسين ۽ سنڌ جون زمينون ۽ سنڌ جا وسيلا بچائڻ لاءِ ھر قرباني ڏيئي سنڌ جي قومي مفادن جو تحفظ ڪنداسين، سنڌ ايڪشن ڪميٽي اھو محسوس ڪري ٿي ته زرداري سرڪار جنھن سنڌ پوليس کي مڪمل طور تي سياسي مفادن تحت استعمال ڪري پوليس فورس کي قانون جي محاظ لاءِ نه پر سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪيو آھي، جنھنڪري ھاڻي سنڌ ۾ بدامني جو راڄ طاقتور ٿيندو پيو وڃي ۽ سنڌ پوليس ڪرپشن ۽ سياسي مداخلت جي ڪري ايتري ته ڪمزور ٿي چڪي آھي جو ھاڻي پوليس عملدار به  سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ ٻين ڪامورن کي ڪرپشن ذريعي ناجائز دولت جي ايتري ھوس پيدا ٿي آھي جو ھاڻي  سڄي سنڌ ۾ منشيات ۽ ٻين براين جي سرپرستي سنڌ پوليس ڪري رھي آھي، جنھن جو تازو مثال ڪالھہ ڄامشوري ضلعي ۾ سي آئي اي انچارج ۽ سنڌ پوليس موبائل سڳ سوڌو پڪڙجي چڪي آھي پر اسان سمجھون ٿا ته ڄاڻايل آفيسر ايم اين اي سڪندر راھپوٽي جو ڀاءَ آھي ۽ وڏي وزير جو ويجھو آھي ان ڪري اھو به  قانون جي ڪمزور پنجوڙ مان نڪري ويندو. سيد جلال محمود شاهه وڌيڪ چيو ته اجلاس ۾ افغان صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو ته افغان جنگ ۾ متاثر ٿيل افغانين کي پختون خواھہ بارڊر ۽ بلوچستان بارڊر تي روڪي رجسٽر ڪري ۽ اتي ڪيئمپن ۾ رھايو وڃي انھن کي ڪنھن به  صورت ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين صوبن ڏانھن وڃڻ کان روڪيو وڃي ۽ سنڌ مان لکين افغانين ۽ ٻين غيرملڪين کي پنھنجي وطن واپس موڪليو وڃي، اجلاس ۾ وفاقي ادارن طرفان نادرا عملدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ ڪوڙن شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اقرار ڪرڻ مان وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت کي اھو پڻ تسليم ڪرڻ گھرجي ته سنڌ جي قومپرستن، وطن دوست سياسي ڌرين جا خدشا درست آھن ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جي جدوجھد کي جائز سمجھڻ گھرجي جنھن کي اسان ھميشہ غير ملڪين کي ڪوڙا شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل ٺاھڻ جي مخالفت ڪندا رھيا آھيون، ان ڪري ھاڻي جڏھن ثابت ٿي چڪو آھي ته لکين ڪوڙا شناختي ڪارڊ ٺھندا رھيا آھن ته پوءِ انھن شناختي ڪارڊ ھولڊرن کي اِلين لسٽ ۾ شامل ڪري سندن پراپرٽيون ضبط ڪري ۽ اڪائونٽ منجمند ڪيا وڃن ۽ سمورن غيرملڪين کي گرفتار ڪري ڪيئمپن ۾ رکي انھن کي پنھنجن ملڪن ڏانھن واپس موڪليو وڃي. سيد جلال محمود شاهه چيو ته عوامي رابطہ مھم جي جدوجھد جو ٽيون مرحلو 31 جولائي کان سانگھڙ ضلعو کان شروع ڪيو ويندو، جنھن ۾ ٽنڊو آدم ، شھدادپور ۽ شاھپورچاڪر ، پھرين آگسٽ تي دوڙ ، ٻانڌي ، قاضي احمد ۽ سڪرنڊ ، 2 آگسٽ نواب ولي محمد ، دولتپور ، شاھپور جھانيان ۽ مورو ۾ ھزارين ماڻھن جا جلسا ڪيا ويندا ۽ 7 آگسٽ تي نوابشاھہ شھر ۾ جلسہ عام ڪيو ويندو،سنڌ ايڪشن ڪميٽي سنڌ جي اديبن، دانشورن ، سياسي، سماجي ڪارڪنن ۽ سنڌ دوست عوام کي اپيل ٿي ڪري ته اسان جي ھن جدوجھد ۾ ڀرپور شرڪت ڪري سنڌ حڪومت جي ظلم ۽ ناانصافي خلاف ساٿ ڏئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.