دريا خان مري ۾ مڙس زال کي ڪهي قتل ڪري ڇڏيو، ٿاڻي تي پيش

دريا خان مري (ن ع آ) دريا خان مري جي وارڊ نمبر 4 ۾ بي رحم مڙس سليمان ملڪ پنھنجي نوجوان زال حاجران ملڪ کي مبينا طور تي ڇري جا وار ڪري ڳلو ڪپي ڪھي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار سليمان ملڪ زال کي  بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد گھر کي تالو ھڻي دريا خان مري ٿاڻي تي پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي، نوجوان عورت جي بيدردي سان قتل ڪرڻ جو اطلاع ملڻ تي سوين شھري واقعي واري ھنڌ گڏ ٿي ويا دريا خان مري پوليس پڻ واقعي واري ھنڌ پھچي قتل ٿيل عورت جو لاش پنھنجي تحويل ۾وٺي رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري آندو اسپتال ۾ عملو موجود نه ھجڻ سبب قتل ٿيل عورت جو لاش سول اسپتال نوشھرو فيروز منتقل ڪيو ويو جتي پڻ ليڊي ڊاڪٽر نه ھجڻ سبب سڄي رات لاش نوشھرو فيروز اسپتال ۾ پيل رھيو جنھن بعد صبح جو پوسٽ مارٽم بعد لاش قتل ٿيل عورت جي پيءُ منظور ملڪ حوالي ڪيو ويو ان حوالي سان عورت کي قتل ڪندڙ جوابدار جي وارثن جو چوڻ آھي ته جوابدار سليمان ملڪ جو ذھني توازن درست نه ھيو ۽ سندس دماغ جو علاج ھلندڙ ھيو جوابدار موجب ته منھنجي گھر واري ڪافي وقت فون تي ڳالھائيندي ھئي فون تي ڳالھائڻ تان زال کي ڪيترا ڀيرا منع ڪيو مگر زال ھڪ نه ٻڌي جنھن سبب کيس قتل ڪيو آھي، جڏھن ته بيدردي سان قتل ڪيل عورت جي وارثن جو چوڻ آھي ته جوابدار نياڻي کي بنا جواز ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ظلم ڪيو آھي جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، پوليس موجب قتل ٿيل عورت جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو آھي، جيئن ئي وارث ڪيس داخل ڪرائڻ ايندا ته فوري طور تي جوابدار مٿان قتل ڪيس داخل ڪيو ويندو،  جڏھن ته علائقي ۾ چوٻول ھلي رھيا آھن ته جوابدار ڌر پاران قتل ٿيل عورت جي وارثن سان راڄوڻي ڪرڻ لاءِ  پڻ ڪوششون جاري آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.