عيني بلوچ جو خون لوڙهڻ جي ڪوشش، 10 ڪروڙڻ جي آڇ

حيدرآباد (رپورٽ: اعجاز چانڊيو) حيدرآباد ۾ مڙس هٿان تشدد دوران 6 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل عورت عيني بلوچ جي خون سان انصاف لاءِ سندس وارث سراپا احتجاج بڻجي ويا، جوابدار کي ترت ڪيس هلائي ڦاهي جي سزا ڏيارڻ جو  مطالبو ڪيو ويو، جوابدار ڌر ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ مڪمل اثر رسوخ استعمال ڪرڻ لڳي، مقتولا جي وارثن کي مختلف ماڻهن ۽ ڪجهه پوليس عملدارن هٿان خون جي 10 ڪروڙ بها ڏيڻ جي آفر، مقتولا جي وارثن راڄوڻي ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. حيدرآباد جي بلديا ٿاڻي جي حد بئراج ڪالوني ۾ اڳوڻي آبپاشي کاتي جي صوبائي سيڪريٽري جي پٽ عمر خالد ميمڻ پاران گهر اندر وحشياڻي تشدد ۽ بيدرديءَ سان پنهنجي زال عيني بلوچ کي قتل ڪرڻ واري معاملي تي وارث تڪڙي انصاف لاءِ احتجاج ڪيو. ان سلسلي ۾ مقتولا  عيني بلوچ جي امڙ آمنت خاتون، مقتولا جي ننڍڙي نياڻي ۽ مقتوله جي ڀائرن سميت سياسي اڳواڻن صداقت علي جتوئي، ڊاڪٽر عاصم بلوچ ۽ ٻين سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پنهنجي نوجوان نياڻي عيني بلوچ جي قتل واري واقعي تي لڙڪ لاڙيندي ٻڌايو ته 6 ڏينهن اڳ عيني بلوچ کي ان جي مڙس عمر خالد ميمڻ بيدري سان قتل ڪري ڇڏيو، نياڻي جي بيرحماڻي قتل واري واقعي کين جيئري ماري ڇڏيو آهي، اهڙي واقعي تي سڄي سنڌ سوڳوار هجڻ سميت سراپا احتجاج بڻيل آهي ڇو ته هي واقعو سنڌ جي نياڻي جي قتل جو واقعو آهي، اڄ منهنجي نياڻي سان اهڙو واقعو ٿيو آهي، جيڪڏهن ان ڪيس ۾ جوابدار کي ڦاهي جي سزا نه ملي ته سنڌ ۾ وري ٻي ڪا نه ڪا عيني بلوچ جهڙي نياڻي ايئن ئي بيدري سان قتل ٿيندي رهندي. هن چيو ته جوابدار ڌر تمام بااثر آهي، جيڪا ڌي جو خون لوڙهڻ لاءِ وڏو اثر رسوخ استعمال ڪري رهي آهي، مختلف وچ وارن ماڻهن ۽ ڪجهه پوليس عملدارن جي ذريعي عيني بلوچ قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ 10 ڪروڙ روپيا خون بها جي آڇ ڪئي پئي وڃي، پر اسان ڌي جو خون پئسن تي ڪڏهن به وڪرو نه ڪنداسين. مقتولا جي امڙ چيو ته هوءَ خالد ميمڻ کي 20 ڪروڙ جي آڇ ڪري ٿي ته اهو پنهنجو پٽ سندس حوالي ڪري. هن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ، سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ سميت لاڳاپيل اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته عيني بلوچ جي قتل واري واقعي جو سختيءَ سان نوٽيس وٺي جوابدار خلاف تڪڙو عدالت ۾ ڪيس هلائي ڦاهي جي سزا ڏئي سماج ۾ نياڻين جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي سزا کي عبرت جو مثال بڻايو وڃي ته جيئن آئينده ٻيو ڪير به ڪنهن به نياڻي کي بيدردي سان قتل ڪرڻ جو سوچي به نه سگهي.17

 عيني بلوچ قتل خلاف سنڌ سراپا احتجاج

حيدرآباد/ ڄامشورو (نمائندا) سنڌ جي سول سوسائٽي، عورتن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندڙ وومين ايڪشن فورم، يوٿ ايڪشن  ڪميٽي ۽ فاريسٽ ورڪرز ويلفيئر ايسوسيئيشن حيدرآباد پاران مقتوله عيني بلوچ واقعي خلاف اولڊ ڪيمپس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي حسين مسرت شاهه، ڊاڪٽر بختاور ڄام، نظير قريشي، سنڌو نواز گهانگهرو، ايڇ آر سي پي جو ريجنل ڪوآرڊينيٽر پروفيسر امداد چانڊيو، غفرانا آرائين، ايڊووڪيٽ علي پلهه ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ريلي ۾ وڏي انگ ۾ عورتن مردن ۽ نوجوانن شرڪت ڪئي جن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن عيني بلوچ قتل واري واقعي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ريلي اولڊ ڪيمپس کان ٿيندي حيدرآباد پريس ڪلب پهتي. ان موقعي تي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ عورتن تي گهريلو تشدد ۽ قتل جا واقعا تمام گهڻا وڌي ويا آهن، قانون جي رٽ هر ڏينهن سرعام چيليج ٿي رهي آهي، گهريلو تشدد ۽ عورتن جي قتل وارن واقعن ۾ قانون تي عملدرآمد ۽ انصاف جي فراهمي نه ٿيڻ سبب عيني بلوچ جهڙا واقعا سماج ۾ هر آئي ڏينهن ٿيندا رهن ٿا. هنن چيو ته حيدرآباد ۾ عيني بلوچ جي قتل واري واقعي سڄي سنڌ کي صدمي ۾ آڻي ڇڏيو آهي، سماج جو هر فرد اهڙي واقعي خلاف سراپا احتجاج بڻجي چڪو آهي، عيني بلوچ کي ان جي ظالم مڙس عمر خالد ميمڻ گهر اندر بدترين تشدد جو نشانو بڻائي بيدري سان گهٽا ڏئي معصوم ٻارڙن سامهون قتل ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته قاتل ڌر پئسي واري ۽ بااثر آهي، جيڪا مقتوله جي خون کي لوڙهڻ چاهي ٿي پر اسان چاهيون ٿا ته سنڌ حڪومت عيني بلوچ قتل ڪيس کي سنڌ ۾ نياڻين تي تشدد ۽ قتل وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي جوابدار کي عدالت مان عبرتناڪ سزا ڏيارڻ ۾ پنهنجو عملي، آئيني ۽ قانوني ڪردار ادا ڪري. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جوابدار ڌر ڪيڏي به بااثر ڇو نه هجي ان سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيڻ گهرجي ، هوڏانهن قرت العين ميمڻ عرف عيني کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف ڄامشورو ۾ سياسي سماجي ۽ سڄاڻ ڌرين طرفان  بخت جتوئي،  شبير خاصخلي، اياز برھماڻي، حيدر شاھ,،  وزير کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ به مظاهرو ڪيو ويو17

وات ۾ سڪا چاور وجهي گرم پاڻي پياريو ويو: مقتولا جي ڌيءَ

حيدرآباد: مقتولا عيني بلوچ جي معصوم نياڻي پريس ڪانفرنس دوران صحافين کي ٻڌايو ته سندس والد رات جو گهر آيو ۽ اچڻ شرط ئي سندس ماءُ کي مارڻ شروع ڪيو. هن چيو ته بابا امان کي گهليندو ڪمري ۾ کڻي ويو، جتي در بند ڪري امان  کي گهٽا ڏئي ماري ڇڏيو، هن چيو ته اسان کي امان جي خون ۾ خدا انصاف ڏيندو، اسان خدا تي ڇڏيو آهي، هن چيو ته امان دانهون ڪيون ته بچايو پر امان کي اتي ڪير به بچائڻ وارو نه هو، بابا امان کي وات ۾ سڪا چاور وجهي گرم پاڻي جون بوتلون زوري پياري ۽ تشدد ڪري ماري ڇڏيو.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.